سنڌ: پوليس ۾ 2 هزار اي ايس آءِ (انويسٽگيشن) ڀرتي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبائي پوليس جي جاچ صلاحيت وڌائڻ لاءِ وڏو فيصلو ڪيو آهي ۽ ٻه هزار اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز (اي ايس آئي) انويسٽگيشن ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان، پوليس جي  جاچ نظام جي مضبوطي ۽ جديد طريقيڪار جي اپنائڻ بابت غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ، سيڪريٽري سروسز غلام علي بروهاني، ڊي آءِ جي نعيم احمد ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته پوليس جي جاچ شعبي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نون اي ايس آءِ ڀرتي ڪيا ويندا، چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته شفاف، اثرائتو ۽ بروقت ڀرتي جو عمل يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته پوليس جو جاچ شعبو هميشه هڪ وڏو چيلينج رهيو آهي، تنهنڪري ان کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، جيڪو  ڏوهن جي روڪٿام ۽ انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته نئين ڀرتين سان جاچ جي معيار ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ ڏوهارين خلاف تيز ڪارروائي ممڪن بڻجي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.