ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ انصاف هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي برسات صوبائي ۽ شهري ادارن جي ڪارڪردگي جا پول کولي ڇڏيا، نه ڪا ٻوڏ آئي ۽ نه ڪلائوڊ برسٽ ٿيو، پر شهر جا روڊ ٻڏي ويا ۽ ڪراچي پيرس بدران وينس جو منظر پيش ڪندو رهيو، ان دوران ڪراچي جو صدر راجا اظهر، جنرل سيڪريٽري ارسلان خالد، پي ٽي آءِ سنڌ جو ترجمان محمد علي بلوچ، ممتاز نيازي، معظم خان، فوزيه صديقي، عائشه رشيد، انور مهدي، ڪمال آفريدي، مقبول احمد ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا، هن مطالبو ڪيو ته فوت ٿيلن جي وارثن کي في ماڻهو 20 لک رپيا، زخمين کي 5 لک رپيا، خراب ٿيل ڪار مالڪن کي 1 لک رپيا ۽ موٽر سائيڪل مالڪن کي 10 هزار رپيا معاوضو ڏنو وڃي، متاثر ٿيل گهرن ۽ ملڪيتن جو هنگامي سروي ڪري مالي امداد ڏني وڃي ۽ ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 200 ارب رپين جو خاص پيڪيج اعلان ڪيو وڃي. راجه اظهر چيو ته جڏهن به برسات ٿئي ٿي حڪمران گهرن ۾ سمهي پون ٿا، شهر ٻڏي ٿو ته صرف بيان اچن ٿا ۽ اهي ماڻهو صرف ميڊيا جي ڪئمرا آڏو ظاهر ٿين ٿا، عوام جي سامهون نه. جيڪڏهن ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب وٽ اختيار ناهن ته استعيفيٰ ڏئي،