ڪجهه به سولائيءَ سان ناهي مليو، فلمي دنيا ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ ڏاڍيون تڪليفون سٺيون اٿم: ڪريتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا ڪريتي سَينن چيو آهي ته جن فنڪارن جو واسطو ڪنهن به شوبز خاندان سان ناهي هوندو، تن لاءِ انڊسٽري ۾ جاءِ ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ انهن کي ڏُٻرو، ٿلهو، بِندرو يا ڊگهي هئڻ جا مهڻا ڏنا ويندا آهن.
هڪ انٽرويو دوران اداڪارا پنهنجي جدوجهد بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪاميابي جو ڪو به شارٽ ڪَٽ ناهي، ڪجهه به آسانيءَ سان نٿو ملي.
ڪريتي سَينن جو چوڻ هو ته شوبز جهڙي دنيا ۾ ڪو به ڪنهن کي بنا محنت جي ڪجهھ نٿو ڏئي ۽ هن به پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ ڏاڍيون تڪليفون سٺيون.
سندس چوڻ هو ته نون فنڪارن مٿان اهڙو وقت جڏهن نه ڪو انهن جي ڳالهه ٻڌندو ۽ نه ئي کين موقعو ملندو آهي ۽ سڀئي چوندا ته انهن جا خواب وڏا آهن.
ڪريتي سَينن نون فنڪارن کي صلاح ڏني ته ڪنهن به مهڻي يا ڳالهه تي مايوس نه ٿيو، رڳو محنت جاري رکو، ڇوته محنت کانپوءِ ئي ڪاميابي ملندي.
هن چيو ته ڊگهو قد هئڻ سبب کيس بار بار رد ڪيو ويو، اهڙي ريت ٻين بالي ووڊ اداڪارن به انڪشاف ڪيو آهي ته رنگ، جسماني بيهڪ ۽ قد جي ڪري نظرانداز ڪيو ويو .
ياد رهي ته ڪريتي سَينن هڪ ڏهاڪو اڳ فلم ”هيروپنتي“ سان ڪيريئر شروع ڪيو، جنهن کان پوءِ هوءَ ڪيترين ئي رومانوي ۽ ڪاميڊي فلمن ۾ نظر آئي، ڊگهو قد هئڻ سبب کيس الڳ سڃاڻپ به ملي.
اداڪاري جي ميدان ۾ ڪاميابي جا جهنڊا کوڙڻ کانپو هن فلم پروڊڪشن ۾ به قدم رکيو ۽ پروڊيوسر طور به ڪم ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.