نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سُپريم ڪورٽ رولو ڪتن بابت پنهنجي اڳئين حڪم ۾ ترميم ڪندي هدايت جاري ڪئي آهي ته دهلي ۽ ان جي ڀرپاسي مان پڪڙيل ڪتن کي خصي ڪرڻ ۽ حفاظتي ٽڪا لڳائڻ بعد آزاد ڪيو وڃي.
پرڏيهي خابرو اداري روئٽرز جي رپورٽ موجب، ان کان اڳ عدالتي ۾ چيو ويو هو ته دهلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان سڀ رولو ڪتا پناهه گاهن (شيلٽرن) ۾ منتقل ڪيا وڃن، ڇو ته ويجهڙائي ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ ۽ ريبيز جا ڪيس وڌي ويا هئا.
عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪندي مختلف تنظيمن طرفان چيو ويو هو ته اهو فيصلو عملي طور ناممڪن آهي ڇو ته شيلٽرن جي گنجائش ناڪافي آهي.
عدالتي فيصلي بعد جانورن جي حقن جا ڪارڪن ۽ جانورن سان محبت ڪندڙ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ احتجاج ڪيو.
ان کانسوا آن لائين پٽيشن تي صحيحون به ڪيون ويون ۽ عدالت کان فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
ان فيصلي تي سياستدانن ۽ مشهور شخصيتن به تنقيد ڪئي هئي.
هاڻي ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي عدالتي فيصلي ۾ ترميم جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو ”انساني همدردي ۽ سائنسي منطق۾ ٻنهي تي ٻڌل آهي.
جمعي ڏينهن عدالت چيو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ دهلي ۽ ڀرپاسي مان پڪڙيل ڪتن کي خصي ۽ ويڪسينشن کانپوءِ آزاد ڪيو وڃي، سواءِ انهن ڪتن جي جيڪي جارحاڻي رويو ڏيکارين يا ريبيز جا آثار ظاهر ڪن.
جانورن جي حقن جي ڪارڪن ۽ اڳوڻي وفاقي وزير منيڪا گانڌي چيو ته هوءَ ڪتن کي وري پنهنجي علائقن ۾ ڇڏڻ واري ان” سائنسي فيصلي“ تي خوش آهي، پر عدالت اهو واضح نه ڪيو آهي ته “ جارحاڻو ڪتو“ ڪهڙو هوندو، جيڪو هڪ مبهم معاملو آهي.
واضح رهي ته اپريل ۾ حڪومت ٻڌايو هو ته رڳو جنوري ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جا اٽڪل 4 لک 30 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 2024ع ۾ سڄي سال دوران اِهو انگ 37 لک هو.
مارز پيٽ ڪيئر جي هڪ سروي موجب، ڀارت ۾ لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ 25 لک رولو ڪتا موجود آهن، جڏهن ته 80 لک ڪتا پناهه گاهن ۾ رکيل آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، رڳو ملڪ جي راڄڌاني واري شهر نئين دهلي ۾ لڳ ڀڳ 10 لک رولو ڪتا آهن.
You might also like