” ڀارتي اداڪارا شاديءَ جي آڇ ڪئي ۽ ڪلمو به پڙهي ٻڌايو“ ببرڪ شاهه جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماضيءَ جي مقبول اداڪار ببرڪ شاهه ڀارتي اداڪارا شيبا ڀاڪري سان شادي نه ڪرڻ جي حقيقت ٻڌائي ڇڏي.
ببرڪ شاهه تازو هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ماضي کي ساريندي فلمي ڪيريئر بابت ڳالهايو.
ميزبان طرفان جڏهن ببرڪ شاهه کان شيبا ڀاڪري جي شادي واري آڇ بابت سوال ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته شيبا شادي جي آڇ ڪئي هئي پر مان ڀارت ۾ رهي نٿي سگهيس.
هن چيو ته مان فلم لاءِ ڀارت جي شهر ممبئي ويو هوس، شيبا ڀاڪري اتي رهندي هئي، اسان ڪيترائي مهينا گڏ رهياسين.
ببرڪ شاهه وڌيڪ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته ڀارتي اداڪارا اسلام قبول ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي هئي ۽ مونکي ڪلمو به پڙهي ٻڌايو هو، پر ڀارت جو ماحول بلڪل مختلف آهي، جنهن ۾ مان رهي نه پئي سگهيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.