ڪراچي لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪرڻ گهرجي:گورنر

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ڪراچي جي ماڻهن جي مسئلن جو مستقل حل ڳولڻ لاءِ صوبائي حڪومت، وفاقي ادارا، مقامي حڪومت جا نمائندا ۽ سڀئي اسٽيڪ هولڊر  گڏجي ويهڻ ۽ ماسٽر پلان تيار ڪرڻ گهرجن. اھڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت کي اقتدار ۾ ايندي 17 سال ٿي ويا آهن، جڏهن ته بلدياتي حڪومت به گذريل 4 سالن کان سندس پارٽي وٽ آهي، پر اڃا تائين شهر جي مسئلن جو ڪو به تحريري ۽ جامع حل سامهون نه آيو آهي. گورنر تازو برساتن کان پوءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بجلي جي بحران، پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سياست کان اڳتي وڌي عوامي مسئلن جو مستقل حل ڳولڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جا 9 شهر جا ميئر آهن پر ٻنهي پارٽين جي اقتدار ۾ هجڻ جي باوجود عوامي مسئلا ساڳيا آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سوال اهو آهي ته انهن ماڻهن کي ڪم ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ هن زور ڏنو ته پاڪستان جي وزيراعظم کي به ڪراچي اچڻ گهرجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.