برسات حڪمرانن جي ڪرپشن جو ذريعو بڻجي وئي آھي:اياز پليجو

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته برسات حڪمرانن جي ڪرپشن جو ذريعو بڻجي وئي  آھي. پاڻي نيڪال جي نالي ۾ عوام جا اربين رپيا ھڙپ ڪيا پيا وڃن. سم نالن جي صفائي ڪئي وڃي ھا ۽ پاڻي جي قدرتي گذر گاھن کي بحال ڪيو وڃي ھا ۽ شھرن جو ڊرينيج سسٽم درست ھجي ھا ته پاڻي نيڪال ٿي وڃي ھا. بجلي جو نظام درھم برھم آھي. ڪروڙين ماڻھن کي تڪليف ۾ آندو ويو آھي،هن چيو ته سنڌ دشمن 6 نوان ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ رد ٿيڻ تائين قومي عوامي تحريڪ جي جدوجھد جاري رھندي. پاڪستان جي ماڻھن کي جوڙڻ جي ضرورت آھي پر ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ کي ورھائي ڇڏيو آھي. بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ جا ماڻھو برابري واري جمھوريت ۽ پنھنجن وسيلن جي مالڪي چاھين ٿا،هن چيو ته سنڌ جون ٻھراڙيون گئس، بجلي سميت بنيادي سھولتن کان محروم آھن. برسات جي ڪري رستا بند ٿي ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.