کجي گرائونڊ ڪيس، ميئر ڪراچي سميت عملدار طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي ٻڌل 2 رڪني بينچ کجي گرائونڊ تي حددخلين خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ميئر ڪراچي کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري نوٽيس جاري ڪيو. عدالت ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪي ڊي اي جي ڊي جي کي به طلب ڪيو. ٻڌڻي ۾ ٽي ايم سي ناظم آباد رپورٽ جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته گرائونڊ مان ڪچرو صاف ڪيو ويو آهي ۽ حڪومت 36 ڪروڙ رپين جو بحالي منصوبو شروع ڪيو آهي. وڪيل عثمان فاروق موقف ڏنو ته گرائونڊ مان پوليس اسٽيشن هٽائڻ ٽائون جي دائري اختيار ۾ ناهي. عدالت ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.