اسلام آباد(م ڊ) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي حوالي سان انڪشاف ٿيو آهي ته هن اداري اربين رپين جي اهڙي درآمدي ڪڻڪ خريد ڪئي، جيڪا ڪيڙن مڪوڙن، مٽي، ڌوڙ ۽ انساني خوراڪ لائق نه هجڻ سبب غير معياري هئي، ان حوالي سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پنهنجي آڊٽ رپورٽ 2024-25 ۾ هن بي ضابطگيءَ جي نشاندهي ڪندي معاملي جي جاچ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، آڊٽ رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن 2023-24 دوران پاسڪو کان 16 ارب 44 ڪروڙ 78 لک رپين جي هڪ لک 22 هزار 500 ميٽرڪ ٽن درآمدي ڪڻڪ خريد ڪئي، جنهن کي غير معياري قرار ڏنو ويو، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتظاميا غير معياري ڪڻڪ جي معاملي تي خاموش رهي، ليبارٽري ٽيسٽن مطابق اها ڪڻڪ يوٽيلٽي اسٽورز جي منظور ڪيل معيار مطابق نه هئي ۽ "ماسٽر بزنس مينيجمينٽ ڪنشوريم” ليب رپورٽ ۾ ان کي غير اطمينان بخش قرار ڏنو، انتظاميا جو چوڻ آهي ته ليب رپورٽس جي بنياد تي 26 ڪڻڪ کڻڻ وارا مرڪز تبديل ڪيا ويا، پر اهو جواب آڊيٽر جنرل کي قائل نه ڪري سگهيو، آڊيٽر جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ معاملي جي مڪمل جاچ ۽ ذميوارن کي سامهون آڻڻ جي سفارش ڪئي آهي.