ڪابل (م ڊ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ڇهين ٽي طرفي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ سي پيڪ کي افغانستان تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ افغانستان جو وقتي پرڏيهي وزير محمد نعيم شرڪت ڪئي، پاڪستان جي پرڏيهي وزارت موجب اجلاس ۾ سياسي، اقتصادي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار تي تفصيلي غور ڪيو ويو، ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ٽنهي ملڪن وچ ۾ واپار، ٽرانزٽ، علائقائي ترقي، صحت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو،اجلاس ۾ منشيات جي اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ سي پيڪ منصوبي کي افغانستان تائين وڌائڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو ويو، اسحاق ڊار اجلاس دوران افغان عبوري پرڏيهي وزير مولوي امير خان متقي سان به ملاقات ڪئي.