ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار چيو ته:=صوبائي حڪومت ۽ بلدياتي ادارن جون سموريون دعوائون برسات ۾ لڙهي ويون ، ڪراچي کي آفت زده قرار ڏنو وڃي. ميئر ڪراچي چوي ٿو ته 40 ملي ميٽر برسات شهر جي انفرا اسٽرڪچر کي برداشت ڪري سگهي ٿو، پر 17 سالن جي بدترين بدعنوان حڪمراني ڪالهه جي برسات ۾ کلي پئي. هن وڌيڪ چيو ته:اسان اڄ تنقيد کان وڌيڪ هڪ جائزو رپورٽ پيش ڪري رهيا آهيون. ماڻهن جي گهرن ۾ برسات جو پاڻي ڀريل هو، شهر اڳ ئي تباهه ٿيل هو، پر برسات ۾ صورتحال اڃا ابتر ٿي وئي،هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم جو گورنر عوام سان گڏ بيٺل هئا. وسيم اختر جي دور ۾ وڏي مشڪل سان 50 ڪروڙ رپيا نالن جي صفائي لاءِ ملندا هئا، پر هاڻي ڪراچي سنڌ سرڪار جي ڪالوني بڻجي چڪي آهي. پوءِ ڇا پريشاني آهي؟“فاروق ستار چيو:وزيراعليٰ سميت ميئر ۽ سڄي انتظاميا پيپلز پارٽي جي آهي. پيپلز پارٽي پنهنجون غلطيون ۽ ڪوتاهيون نااهليءَ سان لڪائي نٿي سگهي. 17 سالن ۾ ڪو به ڪم نه ڪيو ويو، جنهن جو نتيجو اڄ اسان سڀني جي سامهون آهي. هن وڌيڪ چيو ته:سڀني سياسي جماعتن کي گڏائي ڪراچي جي ماسٽر پلان تي غور ڪيو وڃي. مرڪز ۽ اين ايف سي کان پئسا ورتا ويا، پر ڪراچي کي ڪيترا مليا؟