لاهور(بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 40 سالن کان پيپلز پارٽي وارا ڪراچي کي لٽي رهيا آهن، ڪالهه جيڪو شهر قائد ۾ ٿيو، ان جا ذميوار اهي ئي آهن. منصوره ۾ تربيت گاهه جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪالهه ڪراچي ۾ جيڪو ٿيو، ان جو جواب انهن کي ڏيڻو پوندو جيڪي جعلي ميئر ويهاري ويٺل آهن،هن چيو ته ماحولياتي تبديليون ٿي رهيون آهن پر اسان جي حڪومت ڇا پئي ڪري؟حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي مني پاڪستان آهي، پر 40 سالن کان پيپلز پارٽي ان کي لٽيندي پئي اچي. ڪالهه شهر ۾ وڌيڪ برسات ٿي، پر نالن جي صفائي لاءِ جيڪي ڪروڙين ۽ اربين رپيا وٺيا وڃن ٿا، صفائي ته ٿئي ئي ناهي،ڪراچي ۾ ڪرپشن جو سسٽم مسلط ڪيو ويو آهي، هتي 80 سيڪڙو تائين ڪرپشن جو ريٽ آهي. اهڙي نظام ۾ اهي ماڻهو ڪيئن ڪم ڪندا؟