ناصر شاهه  جو ڪي-اليڪٽرڪ سان رابطو

ڪراچي (رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي صوبائي وزير توانائي ناصر حسين شاهه ڪي-اليڪٽرڪ انتظاميا سان فوري رابطو ڪيو ۽ شهر ۾ ڪيترن ڪلاڪن کان جاري بجلي بندش تي سخت ڳڻت ظاهر ڪئي۔ ناصر شاهه چيو ته بجلي جي فوري بحالي يقيني بڻائي وڃي، ڇو ته ڊگهي بندش سبب گهرن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي ۽ عوام شديد مشڪلاتن ۾ مبتلا آهي۔ هن چيو ته برساتي پاڻي جي نيڪاسي لاءِ به بجلي لازمي آهي ۽ شهري خاص طور تي فليٽن ۾ رهندڙ، بنا فين ۽ روشني جي تڪليف ۾ آهن۔ توانائي واري وزير هدايت ڪئي ته ڪي-اليڪٽرڪ عملي ۽ مشينري کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ رکيو وڃي ته جيئن برسات کان پوءِ فيڊرز ٽرپ ٿيڻ واري صورتحال کي وقت سر منهن ڏئي سگهجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.