محمود اچڪزئي قومي اسيمبلي ۽ اعظم سواتي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ مقرر

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ لاءِ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. پي ٽي آءِ جي ترجمان ۽ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا مطابق قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي کي مخالف ڌر اڳواڻ طور مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سينيٽ ۾ عظم سواتي کي اپوزيشن ليڊر جي ذميواري ڏني وئي آهي اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي، سلمان اڪرم راجا تصديق ڪئي ته عمر ايوب جي جاءِ تي قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو ويو آهي. شبلي فراز جي جاءِ تي سينيٽ ۾ اعظم خان سواتي کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي.سلمان اڪرم راجا اهو به چيو ته پنجاب اسيمبلي لاءِ اپوزيشن ليڊر جي مقرري لاءِ 5 نالا گهريا ويا آهن، جن مان هڪ نالي جو چونڊ عمران خان پاڻ ڪندو. ضمني چونڊن ۾ شرڪت بابت فيصلو پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جي صوابديد تي ڇڏيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.