ٻئي ڏينهن به برسات،ڪراچي مفلوج،9 ڄڻا فوت\تعليمي ادارا اڄ به بند رکڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻوڏ واري صورتحال جا اثر ڪالهه به شهر جي روڊن تي بيٺل خراب گاڏين ۽ کوٽن جي صورت ۾ نظر اچي رهيا آهن، ڪار ساز، ملير هالٽ ۽ ٻين هنڌن تي خراب گاڏيون اڃا تائين روڊن تي بيٺل آهن، اولڊ سٽي ايريا، آرام باغ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، لياقت آباد، يونيورسٽي روڊ سميت ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي گڏ ٿيل آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن کان وقفي وقفي سان ٿيندڙ برسات سبب مختلف حادثن ۾ فوتگين جو انگ 17 ٿي ويو آهي، پوليس موجب پي اي سي ايڇ ايس ۾ گهر ۾ گڏ ٿيل پاڻي مان هڪ معمر شخص جو لاش مليو، 70 ورهين جو معذور شخص گهر ۾ اڪيلو رهندو هو، جيڪو بستري تان هيٺ پاڻي ۾ ڪري پيو، نادرن بائي پاس تي پاڻي جي ڍنڍ ۾ ٻڏي هڪ نوجوان جان وڃائي ويٺو، سپر هاءِ وي تي کڏ ۾ ٻڏي هڪ شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته نيو ڪراچي خميسو ڳوٺ ۽ گرو مندر ۾ ندي ۽ نالي مان ٻن ماڻهن جا لاش مليا، گلستان جوهر ۾ ڀت ڪرڻ سبب 3 ٻار ۽ 2 عورتون فوت ٿيون، جڏهن ته اورنگي ٽائون ۾ ديوار ڪرڻ سان هڪ نينگري فوت ٿي وئي، شاهه فيصل ڪالوني، شارع فيصل، ڊفينس، نارٿ ڪراچي ۽ گزري ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 6 ڄڻن جون حياتيون ضايع ٿي ويون، ڪالھه به شھر جي مختلف علائقن ۾ مينهن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو، شاهراهه فيصل، پي اي سي ايڇ ايس، گلشن اقبال، صدر، ايئرپورٽ، نرسري ۽ ٻين علائقن ۾ مينهن پيو، گلزار هجري اسڪيم 33، سهراب گوٺ، سپر هاءِ وي ۽ جناح اسپتال جي آسپاس به مينهن وٺو، شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته بغير ضرورت گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ بجليءَ جي کنڀن کان پري رهو، شاهراه فيصل سميت ڪيترن ئي اهم روڊن تان ڪالهه جي مينهن جو پاڻي ڪڍيو ويو، جڏهن ته ايف ٽي سي، بلوچ ڪالوني ۽ ملير هالٽ جي مختلف هنڌن تي اڃا تائين پاڻي موجود ھو، لياقت آباد سپر مارڪيٽ جي سامهون روڊ تان به پاڻي نه ڪڍجي سگهيو آهي، ڪورنگي جا اڪثر روڊ پاڻي ۾ ٻڏل رهيا، ڪراچي ۾ ٻه ڏينهن اڳ واري برسات کان پوءِ شهر جي وڏي حصي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي، ڪي اليڪٽرڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي 2122 فيڊرن مان 2000 فيڊرن تي بجلي بحال ڪئي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جا 240 فيڊر اڃا تائين بند آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي، 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪي اليڪٽرڪ بجلي بحال ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، گلستان جوهر، سلطان آباد، نارٿ ناظم آباد، ملير، ڪورنگي، اورنگي، لياقت آباد، گڏاپ، ڪاٺوڙ ۽ بن قاسم ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي، ان کان سواءِ سرجاڻي ٽائون، پي اي سي ايڇ ايس، گلشن اقبال ۽ ڊي ايڇ اي ۾ به 22 ڪلاڪن کان بجلي معطل آهي، ٻي پاسي برسات سبب اڏامن جو شيڊول معمول تي نه اچي سگهيو، ملڪي ۽ بين الاقوامي اڏامن جو شيڊول وڏي حد تائين متاثر آهي، جناح ٽرمينل تان هلڻ واريون اندورن ملڪ هلندڙ اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن، ايئرپورٽ تي مقرر پي آءِ اي ۽ ايئر لائينز جو عملو وڏي تعداد ۾ ڊيوٽي تي نه پهچي سگهيو، شهر ۾ برساتن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪراچي جي عدالتن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي پرنسپل سيٽ ۽ ماتحت عدالتون بند رهيون، ٻئي پاسي نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ۾ وڏي برسات جو امڪان آهي، ميرپورخاص، سکر ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي، ٿوري وقت ۾ 50 کان 100 ملي ميٽر تائين مينهن وسڻ جي امڪان آهي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو آهي، جڏهن ته ٺٽو، بدين، ڄامشورو ۽ دادو ۾ دريائي ٻوڏ جو خطرو آهي، سنڌو درياهه ۽ ان جي مددگار واھن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب ھيٺاهين وارن علائقن ۾ چاڙهه جو خطرو آھي جڏھن ته مرڪزي شاھراھن ۽ مقامي رستا پاڻي ھيٺ ھجڻ سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ پڻ متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي، بجلي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ۾ رڪاوٽن جو وقت وڌي سگھي ٿو. مقامي آبادين کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته ٻوڏ جي خطرن کان متاثر علائقن جا رھواسي قيمتي شيون ۽ ڍورن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪن، ھنگامي سامان (کائڻ، پيڻ، دوائون، فرسٽ ايڊ ڪٽ) تيار رکن، بجلي جي اوزارن کي استعمال ڪرڻ ۾ احتياط ڪن ۽ پاڻي وارن رستن ۽ بجلي وارن ھنڌن ۽ ٿنڀن کان پري رھن، هوڏانهن موسميات کاتي ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن پيل مينهن جا انگ اکر جاري ڪيا آهن، جنهن موجب ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ 178 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو، يونيورسٽي روڊ تي 145 ملي ميٽر، شاهراهه فيصل تي 133، گلشن معمار ۾ 102، ناظم آباد ۾ 149 ۽ پراڻي ايئرپورٽ تي 163 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو، ساڳئي ريت نارٿ ڪراچي ۾ 148 ملي ميٽر، ڪورنگي ۾ 138 ملي ميٽر مينهن وسيو، اورنگي ٽائون ۾ 81، سعدي ٽائون ۾ 146، ڊي ايڇ اي فيز 7 ۾ 138 ۽ ڪياماڙي ۾ 173 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو، جناح ٽرمينل تي 156، سرجاڻي ٽائون ۾ 151، پي اي ايف بيس مسرور ڪراچي اوڀر ۾ 101 ۽ بحريا ٽائون ۾ 4.8 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو، هوڏانهن حيدرآباد ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ 19 آگسٽ کان شروع ٿيل سانوڻي جي برساتن جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي گذريل ڏينهن به شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلي برسات جاري رهي جنهن جي ڪري خاص طور تي شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو هو جڏهن ته شهر ۾ بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون شروع ٿي ويو ۽  اڪثر علائقا اونداهه ۾ ٻڏل رهيا ۽ شهرين کي رات جاڳي گذارڻي پئي، برسات کان پوءِ هوا مڪمل طور تي بند هجڻ سبب گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.