اسلام آباد(بيورو)سابق نگران وفاقي وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي کي صدر مملڪت جو ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي۔نوٽيفڪيشن موجب مرتضيٰ سولنگي جي بطور ترجمان صدر مملڪت مقرري فوري طور تي لاڳو ٿيندي، جڏهنته هي عهدو اعزازي هوندو،سندس مقرري تاحڪم ثاني جاري رهندي۔هي نوٽيفڪيشن صدر مملڪت جي سيڪريٽري شڪيل ملڪ طرفان جاري ڪيو ويو، جنهن جي ڪاپي وزيراعظم، وفاقي ڪابينه ۽ اطلاعات و نشريات سميت سڀني لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪلي وئي آهي۔مرتضیٰ سولنگي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو آهي ته اڄ کان پنهنجي نئين ذميوارين جو حلف کڻندس ۽ ڪم شروع ڪندس.“