برصغير جي سياسي تاريخ اندر اسان کي لاتعداد ڪردار ملن ٿا، جن جو علمي، سياسي ۽ ادبي پورھيو پراڻو ناھي ٿيو. انھن ڪردارن جو پورھيو ايترو ته وسيع ۽ اعلي معيار جو آھي جو ڪيئي سال گذرڻ باوجود به ماڻھو ان پورھئي کان مستفيد ٿين ٿا ۽ سندن فڪر منجھان پنھنجي نجات جا رستا ڳولھين ٿا. اھڙو ئي ھڪ ڪردار مولانا عبيدالله سنڌي به ھو. جنھن جو علمي ۽ سياسي سفر ايترو ته فڪري طور پختو ۽ سنڌ ڌرتي جي مٽي سان ڳوھيل آھي جو اڄ به اسان سندس فڪر جي ضرورت شدت سان محسوس ڪريون ٿا.
مولانا عبيدالله سنڌي 10 مارچ 1872ع ۾ سيالڪوٽ جي ھڪ ڳوٺ ميانوالي ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس خاندان جو تعلق سک مذھب سان هو. هي هڪڙو سونارڪو ڪم ڪندڙ گھراڻو ھو. ننڍپڻ ۾ کيس ڪتابن سان بيحد دلچسپي ھئي. انڪري اسڪول ۾ سندس شمار بھترين شاگردن ۾ ٿيڻ لڳو. ان وقت ۾ ننڍن ٻارن جي ذھنن ۾ عقيدت جو آفيم ڀرڻ جو رواج اڃان ڪو نه پيو ھيو؛ ان ڪري ئي کيس مسلمان ليکڪن سان نفرت ڪونه ھئي ۽ ھو علم سان چاھ دوران ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن کي پڙھندو ھيو. ھڪ ڏينھن کيس پنھنجي ھڪ دوست ڪتاب “تحفته الھند“ تحفي ۾ ڏنو. جنھن ڪتاب کيس تمام گھڻو متاثر ڪيو ۽ ھو ان ڪتاب منجھان متاثر ٿي مسلمان ٿيو ۽ پنھنجو نالو به بوٽا سنگھ مان مٽائي عبيدالله رکيائين. ڇو جو ڪتاب "تحفته الھند” جي مصنف جو نالو به عبيدالله ھو. 1887ع ۾ کيس ڀرچونڊي جي حافظ محمد صديق ڪلمو پڙھايو ۽ ان بعد حافظ محمد صديق چيو ته عبيدالله مسلمان ٿيڻ خاطر پنھنجي والدين کي ڇڏي آيو آھي، انڪري ھاڻ اسين سندس ماءُ پيءَ ۽ ھو اسان جي اولاد مثل آھي. جنھن ڳالهه مولانا عبيد الله کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ھو سنڌي سڏائيڻ لڳو ۽ آخر تائين فخر سان سنڌي سڏائيندو رھيو. ھن فقط نالي ماتر سنڌي نه سڏايو، پر برطانوي سامراج خلاف جدوجھد به ڪئي ۽ سنڌ جي قومي تشخص جي بقا جون ڳالههيون ان وقت ۾ ڪيون، جنھن وقت ۾ مسلمانيت جي نالي تي قومي تشڪيل جون ڳالههيون ابتدائي مرحلن ۾ ھيون. مولانا عبيد الله سنڌي تقريرن ۾ کُلي طرح چوندو ھو ته مسلمان ٿيڻ کان اول به ھندوستان منھنجو وطن آھي ۽ مسلمان ٿيڻ بعد به ھندوستان منھنجو وطن آھي ۽ ھڪ قوم اندر کوڙ مذھبن جا ماڻھو ٿي سگھن ٿا. انڪري اھا سوچ غلط مفروضي جي آڌار تي بيٺل آھي ته ڪن به مختلف مذھبن جا ماڻھو ھڪ قوم ۾ گڏ نٿا رھن سگھن.
شاھ ولي الله جي فڪر مان متاثر ٿيل مولانا عبيد الله سنڌي ڀرچونڊي ۾ چار مھينا رھڻ بعد ديوبند ۾ شيخ الھند وٽ وڃي پڙھيو، جتي ھن شاھ ولي الله جي فڪر سان گڏ عالمي صورتحال جو به مطالعو ڪيو ۽ پاڻ کي ان قابل بڻايو جو کيس ڪابل موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ھو ڪابل کان ترڪي ۽ روس، ماسڪو تائين وڃي پھتو. جلاوطن رھڻ بعد به مولانا سنڌي پنھنجي ڌرتي تان انگزيز سامراج جي بالادستي ختم ڪرڻ جي لاءِ جدوجھد ڪندو رھيو ۽ جميعت انصار نالي تنظيم جو صدر ٿيو ۽ ان تنظيم جو نائب صدر علاما محمد صادق کڏي وارو ھو. ھنن ٻنھي مذھبي عالمن مذھب جي اصل روح تحت جدوجھد ڪئي ۽ دين کي ٻين ماڻھن تي ٿاڦڻ بجاءِ دين جون اھي عوامي شڪليون ۽ انقلابي صورتون عام ڪيون، جو عام ماڻھن کي پنھنجي نجات جو رستو سندن فڪر پئي نظر آيو. سندن حڪمت عملين ۽ شيخ الھند جي رھنمائي سان سامراج مخالف سوچ سبب ريشمي رومال تحريڪ جو بنياد پيو. جنھن جو مقصد انگريز سامراج خلاف جدوجھد ڪرڻ ھو ۽ ان ڏس ۾ پوري دنيا کان مدد وٺي ھڪ ويڙھ شروع ڪرڻ ھو، جيڪا انگريزن جو پاڙون اُکوڙي ڇڏي.
ان جدوجھد ۾ ساڻس مولانا محمد صادق کڏي وارو، حڪيم فتح محمد سيوھاڻي ، ڏيارام گدو مل به شامل رھيا. جن مان ڏيارام گدو مل ان تحريڪ سبب جيل به ويو. ان وقت ته اھا جدوجھد تيز ٿيڻ کان اول ئي ناڪام ٿي. ان جو سبب ريشمي رومالن تي لکيل خطن جو پڪڙجي پوڻ ھو. پر اھا سامراج مخالف جدوجھد ايتري مضبوط ٿي چڪي ھئي، جنھن سوچ جي پيدوار حر گوريلا تحريڪ جي صورت ۾ سامھون آئي. اسان کي اڄ ٻڌايو ٿو وڃي ته حر گوريلا تحريڪ يا سورھيه بادشاھ جي جدوجھد پاڪستان جي آزادي لاءِ ھئي، جڏھن ته اھو سراسر ڪوڙ تي ٻڌل موقف آھي. حقيقت ۾ ريشمي رومال تحريڪ کان ويندي حر گوريلا تحريڪ تائين جون سڀ تحريڪون هندستان ۽ سنڌ جي آزادي خاطر ھيون. جن جي اڳواڻي سيڪيولر مزاج جي ماڻھن جي هٿن ۾ ھئي. جن کي مذھب جي نالي تي رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ھئي. پر انھن جي دلچسپي پنھنجي تاريخي روايتن سميت پنھنجي آزاد وطن جي بحالي ۾ ھئي.
جڏھن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ مذھب جي نالي تي ملڪ ورھائڻ جي حمايت ۾ ھيون، تڏھن مولانا عبيد الله سنڌي ۽ سندس ساٿي ان موقف جا مخالف ھئا. جيتوڻيڪ ان قرارداد پاڪستان کي آزادي کان پوءِ ٿوري عرصي ۾ ئي اصل واڳ ڌڻين “قرارداد مقاصد“ آڻي رد ڪري ڇڏيو، پر ان جو پھريون مخالف مولانا عبيد الله سنڌي ھو. جنھن چيو ته ”اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل حڪومت چاھيو ٿا ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به مذھبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين اسان سنڌ جي سرزمين کي ھڪ مستقل ملڪ مڃون ٿا ۽ براعظم جي باقي ملڪن سان ان جو ڪنفيڊرشن جي نالي ۾ تعلق رکنداسين.“
مولانا سنڌي پنھنجي نقطه نگاھ ۾ بلڪل واضح طرح آزاد ھندوستان جو خاڪو پيش ڪيو ھو. سندس چوڻ ھو ته ھندوستان يورپ وانگيان مخلتف قومن جو مجموعو آهي. ھندوستان ۾ فقط ٻہ قومون يعني مسلمان ۽ ھندو نٿا رھن، پر ھندوستان ۾ لاتعداد قومون رھن ٿيون ۽ انھن قومن جي ماڻھن جا مختلف مذھب ٿي سگھن ٿا ۽ اسان ڪنھن مٿان به پنھنجي ھندوستاني بالادستي جو رعب نٿا ڄمائي سگھون ۽ ھندوستان جي نالي تي تاريخي قومن جو انڪار نٿا ڪري سگھون.
مولانا صاحب جي انھن ڳالههين کي سائين جي ايم سيد به محسوس ڪيو ۽ ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ۾ لکيائين ته اسان مولانا عبيد الله سنڌي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جو چوڻ وٺون ها ته نقصان نه کائون ھا.
”ديار دل داستان محبت“ ۾ به سائين جي ايم سيد لکيو آھي ته ”اسان مٿان مذھب حاوي رھيو، انڪري مولانا عبيد الله سنڌي ۽ الله بخش سومرو واري سنڌ جي جداگانا آزاد رياست جي قيام جي ڳالهه نه سمجھي سگھياسون.“
سائين جي ايم سيد جو بنيادي مقصد به عام سنڌين جي مستقل ڀلائي ئي ھئي، ڇو جو ان وقت وياج خور واپاري گروھن ۽ ڪامورن ۽ جاگيردارن جي گھڻائي انھن ھندو مذھب جي ماڻھن جي ھئي، جن سالن کان عوام کي وياج جي نالي تي لٽيو ۽ کين قرضي بڻايو. قرضن جي ڊگھي سلسلي ۾ کين پنھنجون زمينون ۽ دڪان به وياج خورن کي ڏيڻا پئجي ويندا ھئا.پروفيس شاھد رشيد پنھنجي ھڪ تحقيقي مقالي ۾ مولانا عبيد الله سنڌي بابت لکي ٿو ته "مولانا عبيد الله سنڌي ھڪ ئي وقت ٽن سياسي تحريڪن منجھان متاثر ھيو. 1شاھ ولي الله جو سياسي فلسفو۔
2.روسي اشتراڪيت.
3.ڪمال اتاترڪ جي قومپرست تحريڪ۔
ھڪ طرف مذھبي خيالن جا ماڻھو مذھب جي آڙ ۾ عوام کي ورھائڻ ۾ رڌل ھيا ۽ ٻئي طرف قوميت جو تصور به مذھب سان ڀيٽيو پئي ويو. ان ماحول ۾ مولانا عبيد الله سنڌي مذھبن جي درست تشريح ڪرڻ سان گڏوگڏ قوميت جو تصور به اجاڳر ڪيو ۽ جاگيرداري جي مخالفت ۾ تقريرون ڪيون. ڪلڪتي ۾ ھڪ تقرير ۾ چيائين ته مذھبي خيال قومي سياست مٿان حاوي ڪرڻ جي حق ۾ آئون بلڪل به ناھيان.
ان ڳالهه مان واضح ٿئي ٿو ته مولانا عبيد الله جو تعلق ڀلي مسلمان مذھب سان ھو، پر ھو پنھنجي مسلماني ٻين مٿان لاڳو ڪرڻ جو حامي نه ھو ۽ نه ئي ھندن کي اھڙي اجازت ٿي ڏنائين.
مولانا عبيد الله سنڌي دين ۾ انتھاپسندي جو قائل نه ھو اھڙي ريت ھو سياسي حوالي سان به پاڻ کي سماجوادي ڪوٺڻ جي باوجود به چوندو ھو ته آئون ھر قسم جي ازم کان آزاد آھيان.
ھن وٽ وطن جو تصور سڀني نظرين کان مٿي ھو. ڊاڪٽر جي الانا لکي ٿو ته مولانا عبيد الله سنڌي ھڪ دفعي ٺٽي ۾ تقرير ڪندي چيو ته مان سنڌ سان بي حد محبت ڪريان ٿو. ڇو جو اھو منھنجي روحاني پيءَ جو پاڪ ديس آھي. مان ھن ڌرتي کي 50 سالن کان پنھنجو وطن سمجھان ٿو. اوھان کي اھو ٻڌي حيراني ٿيندي ته مونکي مسلماني جی اصولن بابت ھڪ ھندو پنڊت آگاھي ڏني، جيڪو عمل ھن ڌرتي جي سيڪيولر ھجڻ جو شاھد آھي ۽ مان ھن ڌرتي کي ٻين رياستن وانگر آزاد ڏسڻ چاھيان ٿو۔
مولانا سنڌي جي تعليمات ان وقت کان اڄ ڏينھن تائين ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪئي وئي آھي اسان وٽ سيڪيولر ۽ مذھبي ڌرين جا ويڇا وڌائڻ جي لاءِ رياست تمام وڏو خرچ ڪري ٿي۔ جڏھن ته مولانا سنڌي جي تعليمات ان ويڇن کي ختم ڪرڻ جو واحد رستو آھي. اسان وٽ دين جا حقيقي عالم پنھنجي ماضي ۾ وطن خاطر ڪردار ادا ڪندا رھيا آھن ۽ موجودہ وقت ۾ به اسان کي ضرورت آھي ته اسين عالمن ۽ سياسي ڌرين ۾ پيدا ٿيل فرق کي گھٽايون.
مولانا عبيد الل جي ورسي جي موقعي تي کيس سلام پيس ڪجي ٿو.