موديءَ جي پرڏيهي پاليسي جيڪا ڀارت کي اڪيلو ڪري پئي

تحرير: جاويد نقوي

ڀلي ڀارت جي سوچ ۾ ڪا وڏي غلطي نه هئي، پر سندن دليل ڪنهن حد تائين پاڻ پرستيءَ سان ڀرپور هئا. ڀارت جي ڪيترن ئي تجزيه نگارن موجب جيڪڏهن ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات مثبت نتيجي تي ختم ٿئي ها ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀارت پاران روسي تيل خريد ڪرڻ تي ناراضگي ختم ٿي وڃي ها. يعني پيوٽن نئين دهلي لاءِ نجات جو ذريعو بڻجي سگهن ها. موديءَ جي اها پرڏيهي پاليسي، جيڪا دعائن ۽ اميدن تي هلي ٿي، ان جو مثال اُن راندين واري ٽيم سان ڀيٽجي سگهي ٿو، جيڪا شڪست بعد مقابلي مان ٻاهر ٿيڻ واري هجي، پر پوءِ به اهو اميد رکي حساب ڪتاب شروع ڪري ٿي ته جيڪڏهن فلاڻي ٽيم ٻي ٽيم کي شڪست ڏئي ته شايد اسان جي واپسي جا امڪان وڌي وڃن.

روس کان تيل خريد ڪرڻ تي ٽرمپ جي ناراضگيءَ مان چين به متاثر ٿيو، پر چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سهڪار هيٺ هلندڙ اخبار گلوبل ٽائيمز پنهنجي مک سُرخين ۾ بيجنگ بابت ڪجهه نه لکيو ۽ نه ئي آمريڪا- روس ڳالهين جي نتيجن تي ڪا جذباتي ڳالهه ڪئي. هن صرف ايترو لکيو ته ’ٽرمپ ۽ پيوٽن گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو‘. اهو ئي ڪجهه هو، جيڪو سڀني کي اڳ ۾ به معلوم هو، باقي سڀ قياس آرائي هئي.صاف ظاهر آهي ته وزيراعظم نريندر موديءَ جي پرڏيهي پاليسي گهڻو ڪري اهڙن مستقبل جي واقعن تي ڀاڙيندي آهي، جن تي ڀارت جو ڪو ڪنٽرول ئي ناهي. اهو انداز اڳئين حالتن کان بلڪل مختلف آهي. ماضي ۽ حال جي وچ ۾ هاڻي هڪ اهم تبديلي ظاهر ٿي آهي. اندرا گانڌيءَ فوجي ۽ اقتصادي ڪمزورن کي پورو ڪرڻ لاءِ سوويت يونين جو سهارو ورتو، پر جڏهن ساڳي اتحادي افغانستان تي چڙهائي ڪئي، ته هن ماسڪو جي مذمت ڪئي. جواهر لال نهرو جا برطانيا سان بهترين لاڳاپا هئا، ايتري قدر جو ڀارت کي ڪامنويلٿ جو حصو بڻايو، جنهن تي کاٻي ڌر وارن کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. شاعر مجروح سلطانپوري کي ته ان فيصلي خلاف نظم لکڻ تي جيل موڪليو ويو، جتي ويٺي ويٺي هن مشهور فلم انداز لاءِ گيت لکيا. پر ڪامنويلٿ جي رڪنيت باوجود نهرو ايشيا ۽ آفريڪا ۾ نوآبادي مخالف تحريڪن جي حمايت ڪئي، جنهن جي ڪري گلوبل ساؤٿ ۾ ڪيترن ئي ملڪن سان هن جا دوستاڻا لاڳاپا قائم رهيا.

نهرو نوآبادي کانپوءِ چين جي اوج جي حمايت ڪئي، پر ڪجهه مورخن موجب هو تبت بابت غلط دعوائن ۾ ڦاسي پيو، جنهن سبب چين سان وڏا مسئلا پيدا ٿيا، جيستائين سندس نواسو 1988ع ۾ چين جو دورو ڪري ڊينگ شائو پنگ سان هٿ نه ملايو. اٽل بهاري واجپائيءَ به ڀارت کي ايٽمي طاقت قرار ڏئي عالمي چئلينجن کي قبول ڪيو، پر سندس اها غلطي هئي جو آمريڪي صدر بِل ڪلنٽن کي ٻڌايو ته سندن نشانو چين آهي. بهرحال، سڀ اڳواڻ اهو ئي ڪندا رهيا، جيڪو سندن خيال ۾ ملڪ لاءِ ڀلو هو، پر موديءَ بابت ائين نٿو چئي سگهجي. هن آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ جيترو ٿي سگهيو، اوترو ڪيو.

انڌرا گانڌيءَ پاڪستان خلاف فيصلا ڪُن جنگ وڙهي، پر ڪڏهن به عوام سان نفرت نه ڪئي. شملا ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان تاريخي ملاقات ڪئي. اهڙيءَ طرح راجيو گانڌي ۽ بينظير ڀٽو جي ملاقات به يادگار رهي. واجپائي ۽ من موهن سنگهه ته مسئلو ڪشمير حل ڪرڻ جي بلڪل ويجهو اچي ويا هئا، ۽ اهو به ڪنهن ٻاهرين مداخلت بدران عوامي سهڪار سان ٿي رهيو هو. پر اڄ ڀارت جي پرڏيهي پاليسي وڌيڪ حساب ڪتاب ۾ الجهيل آهي. ماڻهن سان ڳالهائڻ بدران ڪيلڪيوليٽر تي ڀاڙيو پيو وڃي، پوءِ ڳالهه پاڪستان جي هجي، بنگلاديش جي يا سري لنڪا جي. ڀارتي فوج کي شايد پاڪستاني فوج سان مسئلو آهي، پر عوام ئي اهي آهن، جن آمريتن کي بار بار ڌڪ هنيو آهي. مودي ته عوامي رابطا بلڪل نظرانداز ڪري ٿو. ڀارت جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فيض احمد فيض جي ڌيرن کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. هاڻي مودي آئرن ڊوم جهڙي دفاعي نظام جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن ملڪ کي ’دشمنن‘ کان بچائي سگهجي، جڏهن ته ڪيترن جو خيال آهي ته اهو فضول خيال آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته ايران تازو ئي سخت دفاعي نظام رکندڙ اسرائيل تي ڪامياب حملا ڪيا آهن. سفارتڪاريءَ جا سادا ۽ گهٽ خرچ وارا طريقا پيش ڪرڻ ڏکيا ڇو لڳن ٿا؟ عوام کي ڇو نه موقعو ڏنو وڃي ته هو رياستي سهڪار وارن گروهن بدران سٺا لاڳاپا قائم ڪن، پوءِ ڏسجي ته دهشتگرديءَ جو ناسور ڪيئن ختم ٿئي ٿو.

اڄ جي ڀارت جي پرڏيهي پاليسي جون گهڻيون ترجيحون مودي جي هندوتوا سوچ سان جڙيل آهن. پر اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته هندوتوا کي وڏن ڪاروباري مفادن سان ڳنڍيو وڃي ۽ ان کي ’قومي مفاد‘ سڏيو وڃي. ان رستي تي هلندي ڀارت کي گهڻو ڪجهه نه مليو آهي، سواءِ بدعنوانيءَ جي، جنهن جي مثال آمريڪا ۾ هڪ وڏو ڀارتي واپاري خلاف هلندڙ ڪيس آهي. بيروڪريسي به ڀارت جو نالو خراب ڪرڻ ۾ حصو وٺي رهي آهي. هو اڪثر رياستي پاليسين سبب ٿيندڙ سماجي نقصان کي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا ۽ ذاتي تعصب يا سهولت جي بنياد تي قومي مفاد جي تشريح ڪن ٿا، جنهن جو رخ هاڻي مغرب ڏانهن وڌيڪ آهي. موديءَ جو ڊرامائي ميڊيا ته اڳ ئي تنقيد هيٺ آهي، جيڪو پاڪستان سان فوجي ڇڪتاڻ تي انتهائي خراب رپورٽنگ ڪري چڪو آهي، پر اصل سوال اهو آهي ته سفارتڪارن جو ڪهڙو ڪردار آهي؟

پاڪستان ۾ ڀارت جي هڪ اڳوڻي هاءِ ڪمشنر ته ايتري حد تائين صلاح ڏني ته ڀارت کي وقت بوقت ’صفائي‘ ڪرڻ گهرجي. اهو ساڳيو تصور آهي، جيڪو اسرائيل غزه تي حملا ڪري استعمال ڪندو رهيو آهي. پر ڇا واقعي هڪ ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ صفائي ڪندو؟ ڀارت اڳ ئي اقتصادي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي، جن مان اڪثر تيل جي قيمتن جي ڦيرڦار سبب پيدا ٿين ٿيون. 1990ع ۾ جڏهن قيمتون آسمان کي ڇُهڻ لڳيون ۽ سوويت يونين به ٽٽي پيو، تڏهن ڀارت پنهنجا سون جا ذخيرا وڪڻي ڊيفالٽ کان بچي ويو هو. ماڻهن اهو قبول ڪيو. وي پي سنگهه وزيراعظم هئا، جن تيل جي بحران وقت پيٽرول راشننگ جو اعلان ڪيو ۽ ماڻهن سمجهي ورتو. ڪار استعمال جا اصول به مڃيا ويا. پر اڄ حالتون مختلف آهن. هاڻي لڳي ٿو ته ڌيان وڌيڪ روسي تيل کي صاف ڪري يورپ کي وڪڻندڙ وڏن ڪاروباري مفادن جي تحفظ تي آهي. ڀارت جي نقطه نظر کان، تازو الاسڪا سربراهه اجلاس به ايٽمي تباھيءَ کي روڪڻ بدران روسي تيل بابت وڌيڪ هو، جيڪو ڏک جهڙي ڳالهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.