خيبرپختونخوا، آزاد ڪشمير، گلگت ۽ بلتستان ۾ ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ جي آفتن سبب وڏي پئماني تي جاني توڙي مالي نقصان تي سڄي قوم ڏکاري آهي. ھيل تائين مليل ڄاڻ موجب 670 ماڻھو فوت ھڪ ھزار کان وڌيڪ زخمي جڏھن ته ملڪيتن ۽ چوپائي مال جي نقصان جو ڪو ڪاٿو ئي ناھي. هن قدرتي آفت کان بونير ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي ڪيترائي ڳوٺ تباهه ٿي ويا آهن. چيو وڃي ٿو ته ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ڪجهه ڪلاڪن جي مينهن ۾، نه رڳو وڻ ۽ پن، پر وڏا جبل به فوم جي ٽڪرن وانگر وهي ويا.. الخدمت فائونڊيشن ۽ ٻيون فلاحي تنظيمون معمول مطابق بچاءُ ۽ امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن. بهرحال، اصل ذميواري صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن تي آهي ته اهي ڏک جي هن گھڙي ۾ سڀني سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي متاثر خاندانن جي مدد ۽ بحالي لاءِ ڪرپشن کان پاڪ قدم کڻن. اسان جي بدقسمتي اها رهي آهي ته جڏهن حادثا يا قدرتي آفتون اينديون آهن ته اسان جون حڪومتون توڙي ادارا عارضي طور تي سرگرم ٿي ويندا آهن، پر مستقل بنيادن تي حل ڳولڻ ۽ ڊگهي مدي واري منصوبي ٺاهڻ تي ڌيان نه ڏيندا آهن! جنھن جو نتيجو اڄ تباھي جي صورت ۾ اسان جو آڏو آھي.
جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پنهنجيون سڀ اڳواٽ مقرر ڪيل مصروفيتون ڇڏي مقامي قيادت سان گڏ بونير توڙي ٻين خيبرپختونخواهه جي متاثر علائقن ۾ پهچي ويا آهن. هو متاثر علائقن جو دورو ڪندڙ ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ڪندڙ پهريون قومي اڳواڻ آهي. ان کان اڳ حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون تي رابطو ڪري خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ امدادي سرگرمين ۾ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت سياسي اختلافن کي پاسيرو رکي صوبن جي مدد ڪري، ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڏک جي هن گھڙي ۾ گڏجي قدم کڻن. جماعت اسلامي ۽ الخدمت پاڪستان جا ڪارڪن امدادي سرگرمين ۾ حڪومت جي مدد ڪندا. اسان ڏک ۽ آزمائش جي هن گھڙي ۾ حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون. هن شهباز شريف کي ٻڌايو ته جماعت اسلامي جي ڪارڪنن اڳ ۾ ئي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم امدادي سرگرمين ۾ جماعت اسلامي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. ان کان اڳ جماعت اسلامي جي امير خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي به فون ڪيو ۽ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
ٻي افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته خيبر پختونخوا جا ماڻهو هن وقت سخت آزمائشن ۽ ٻٽي عذاب مان گذري رهيا آهن. هڪ طرف دهشتگردي جو جن ۽ فوجي آپريشن ۾ دربدر ته ٻئي طرف وري قدرتي آفتن انهن کي وڪوڙي ڇڏيو آهي. ماهر اهو به چئي رهيا آهن ته نقصان جو هڪ سبب موسمياتي تبديلي جا تباهي ڪندڙ اثر، قدرتي پاڻي جي نالن تي قبضو ۽ رستا بند ڪري آباديون قائم ڪرڻ آهي. فطرت سان ھٿ چراند ڪري پاڻ آفتن کي دعوت ڏني آھي. متاثر علائقن جو دورو ڪندڙ اينڪر پرسن حامد مير جو چوڻ آھي ته ضلعي بونير جي علائقي پير بابا جي بازار پاڻي واري لنگھه تي اڏي وئي آھي نه صرف اھو پر پاڻي جي تيز وهڪرن کي روڪيندڙ وڻن جي وڏي پيماني تي وڍي ڪئي وئي آھي. وڻ وڍيندڙَ طاقتور ماڻھن کي حڪومت جي مڪمل سرپرستي حاصل آھي. اهو ساڳيو ڪارڻ سنڌ ۾ به برسات ۽ درياھ جي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو هڪ سبب هو. پر زندھ قومون ھميشه اھڙن آزمائشن جي گھڙين ۾ صبر ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌنديون آهن. هي وقت به گذري ويندو. سونھاريءَ سنڌ جا ماڻهو به ڏک ۽ آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ خيبر پختونخواه جي ماڻهن سان گڏ بيٺا آهن. ساڳئي وقت، اسان سنڌ حڪومت کي به درخواست ڪنداسين ته امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي هوشيار ۽ احتياطي اپاءَ ورتا وڃن، ڇاڪاڻ ته هن وقت سنڌ ۾ به 2010 ۽ 2022 جهڙي صورتحال جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي. انهن ٻنهي موقعن تي، ماڻهو درياهه جي ٻوڏ ۽ برساتن جي اثرن مان ٻاهر نه نڪري سگهيا آهن جيڪي تباهي جو سبب بڻيا. جيڪڏهن گليشيئر ڳرندا رهيا ۽ برساتون جاري رهيون ته آخرڪار پاڻي جا خوفناڪ وهڪرا مٿان کان سنڌو درياهه ۾ داخل ٿيندا. جيڪڏهن وڌيڪ پاڻي سنڌو درياهه ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان جا اثر حفاظتي بندن تي پوندا. جيڪڏهن سنڌ ۾ به تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو ته پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. تنهن ڪري، خيبر پختونخواه جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، سنڌ حڪومت کي نقصان کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ گهرجن.