ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آنڌاري سان برسات، ڪيترن شهرن ۾ گهرن ۽ دڪانن جون ڇتيون اڏامي ويون، بجلي بند ٿي وئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻو، ڏوڪري، باقراڻي، باڊهه، نصيرآباد، ڪنڊيارو، ڏيپلو، ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاهه ڪريم ۽ ٻين شهرن ۾ آنڌاري سان تيز برسات پئي، گرمي جو زور ته ٽُٽي ويو پر انتظاميا جي نااهلي سبب علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آنڌاري سان گڏ هلڪي هلڪي برسات پئي، برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار بڻجي وئي. ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آنڌاري سان گڏ هلڪي هلڪي برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، سيپڪو عملدارن برسات جو سبب ڄاڻائي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، ڪنڊيارو ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ تيز برسات پئي، برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي،وقفي وقفي سان جاري رهندڙ برسات دوران تيز هوا سان شهر ۾ ٿڌڙي سرسراهٽ ڇانئجي وئي، جنهن سان گرمي ستايل شهرين سک جو ساھ کنيو، نوشهروفيروز ضلعي انتظاميا پاران برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ امڪاني نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽائون انتظاميا کي عملو تيار رهڻ رکڻ جو حڪم ڪيو ويو هو پر تنهن باوجود ٽائون انتظاميا برسات جي پاڻي نيڪال يا پاڻي بيهڻ ڪري ٻئي ڪنهن امڪاني نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا شهر جون گهٽيون، بازارون ۽ رهائشي علائقا پاڻي سان ڀرجي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي نيڪال جو مناسب انتظام نه هئڻ ڪري برسات جو پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب شهري سخت پريشان رهيا، ٻئي پاسي برسات سان گڏ بجلي جي فراهمي به متاثر ٿي، شهر جي ٻنهين فيڊرن جي بجلي غائب رهي، جنهن ڪري عوام کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ڏيپلو شهر ۾ گذريل رات کان وسندڙ برسات 130 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، تيز برسات سبب پاڻي مختلف ھنڌن تي بيھجي ويو، جنھن کي نيڪال لاءِ ٽائون انتظاميه ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، شھر جي الله والا چوڪ،سرڪاري اسپتال سميت مختلف ھنڌن تي بيٺل پاڻي انتظاميا نيڪال ڪرڻ ۾ رڌل رهي، ٽنڊو محمد خان ۾ سخت گرمي ٻوسٽ کانپوءِ تيز هوا سان گڏ برسات جو زوردار وسڪارو پيو، سائن بورڊ ، هوٽلن جا ڇپڙا هوا ۾ اڏامي ويا ، ٽنڊو محمد خان ۾ سخت گرمي جي شدت ۽ ٻوسٽ کانپوءِ تيز هوائن سان برسات جو وسڪارو ٿيو جنهن سبب روڊن رستن تي بيٺل ڪيترائي وڻ، ڪکائن گهرن جون ڇتيون، هوٽلن جا ڇپڙا ، سائن بورڊ هوا ۾ اڏامي ڪري پيا ، تيز هوا سان برسات سبب معجزانه طور ڪو به جاني نقصان جو حادثو پيش نه آيو، جڏهن ته برسات جي تيز وسڪاري سبب روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو، بجلي مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو ، ٽنڊو محمد خان جي بلڙي شاھ ڪريم ، ٽنڊو غلام حيدر جي ننڍن وڏن شهرن علائقن ڳوٺن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رھيو.