پشاور/ صوابي/ اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ چوماسي جو هڪ ٻيو طاقتور اسپيل شروع ٿي ويو آهي، جن خيبرپختونخوا ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، صوابي ۾ ڪلائوڊ برسٽ سبب تباهي مچي وئي آهي، بونير ضلعي جي علائقي پير بابا ۾ پاڻي ۽ پٿرن جي ٻوڏ آئي، مختلف حادثن ۾ 8 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، 22 کان 25 ماڻهو اڃا تائين ملبي هيٺ آهن، جنهنڪري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق خيبر پختونخوا ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 341 تائين پهچي ويو آهي، 178 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، فوتين ۾ 292 مرد، 28 عورتون ۽ 21 ٻار شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 144 مرد، 24 عورتون ۽ 10 ٻار آهن، اهي واقعا سوات، بونير، باجوڙ، مانسهره، شانگله، دير لوئر، بٽگرام ۽ صوابي ۾ پيش آيا، سڀ کان وڌيڪ 222 ماڻهو ضلع بونير ۾ فوت ٿيا آهن، بونير ضلعي جي علائقي پير بابا ۾ پاڻي ۽ پٿرن جي ٻوڏ آئي، صوابي ۾ 11 ماڻهو فوت ۽ 20 زخمي ٿيا، سوات جي شهر مينگوره جي مٿئين علائقن ۾ مسلسل برساتن کان پوءِ نديون ۽ نالا اٿلي پيا آهن، جڏهن ته هري پور ۾ ڪهوليا بالا جي برساتي نالي مان هڪ وڏو پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي، جنهن سبب هري پور کي ايبٽ آباد سان ملائيندڙ قراقرم شاهراهه بند ٿي وئي، هوڏانهن صوبائي حڪومت سمورن متاثر ضلعن لاءِ 80 ڪروڙ رپين جا امدادي فنڊ جاري ڪيا، جڏهن ته سخت متاثر ضلع بونير لاءِ اضافي 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، ٻي پاسي اين ڊي ايم اي جي چئيرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر خبردار ڪيو آهي ته مون سون جا وڌيڪ ٻه اسپيل اچڻ وارا آهن، جيڪي هن کان به وڌيڪ سخت هوندا، وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان هن وقت مون سون جي ستون اسپيل مان گذري رهيو آهي، موسمياتي تبديلي سبب گليشيئرز تيزي سان ڳري رهيا آهن، جڏهن اترين علائقن مان گليشيئرز جو پاڻي هيٺ لهندو ته هيٺانهين وارن علائقن ۾ تباهي ايندي، ڪلائوڊ برسٽ ۽ علائقائي برساتن جي وڌيڪ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، سيپٽمبر تائين صورتحال معمول تي اچي ويندي.