اڄ کان ساڍا ٽي سال اڳ سمنڊ ۾ ڪاجھر ڪريڪ تي مڇي جو شڪار ڪندي ھندستاني ڪوسٽ گارڊ هٿان سامونڊي حد بندي ڄاڻائي پاڪستاني حدن مان گرفتار ڪيل ماھيگير جن ۾ ڳوٺ حاجي اسماعيل ڪاتيار آٿرڪي جا 10 ماھيگير ناکو احمد ڪاتيار غلام حسين ڪاتيار محمد حسن ڪاتيار ٽن ڀائرن سميت 10 ڄڻا بيگناھه ساڍن ٽن سالن کان انڊيا جي جيل ۾ قيد آهن، جن جي آزادي لاءِ ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو ويو سندن گهرن ۾ بک روزگاري سبب بدحالي ۽ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي، جن جي آزادي لاءَ سنڌ حڪومت فشريز کاتي سنڌ توڙي وفاق سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿي ڪجي انڊيا جي جيلن ۾ قيد سمورن پاڪستانين سميت ڪاتيار برادري جي ڏھن ماهيگرين کي آزاد ڪرائي وطن واپس ڪرايو وڃي
راجستان راجڪوٽ ڄام ننگر ا گجرات صوبي انڊيا جا شهر آهن، سنڌي آبادي آھي، گرفتار ماهيگيرن کي جهوناڳڙهه جي جيلن ۾ رکيو ويندو آهي، ماهيگيرن کي انٽر نيشنل قانون موجب گرفتار نٿو ڪري سگهجي ڇو ته سمنڊ جي ڪا حد ناھي ھوندي ھندستان ۽ پاڪستان قانون کان شايد پري آھن ھونئن ته ڪافي ماھيگير ھندستان جا پاڪستان جي جيلن ۾ ۽ پاڪستان جا ھندستان جي جيلن ۾ موجود آھن انھن تي ڪھڙا ڪيس درج ڪيا ٿا وڃن انھن کي ڪھڙيون سزائون ملنديون آھن سزائون ختم ڪري انھن کي آزاد ڪيو ويندو آھي اصل ۾ ماھيگيرن تي ڪو ڪيس گرفتاري يا سزا ناھي ھوندي ڇو ته سمنڊ کي ڪا ديوار يان لڪير ناھي ھوندي پاڪستان جي گرفتار ماھيگيرن جو وري ڪو وارث ناھي ھوندو اسپيشل ماھيگيرن تي ٺھيل فشريز کاتو جنھن کي ماھيگيرن جي معاملن کي ڏسڻ گھرجي سو کاتو ڪڏھن به ڪنھن به لحاظ کان ماھيگيرن جو ھمدرد يان آواز ناھي بڻيو ڪروڙين رپيا بجيٽ ھئڻ باوجود فشريز کاتو ڪڏھن گرفتار ٿيل ماھيگيرن جي پونئرن وٽ ناھي پھتو نه ئي سندن ڪا مالي مدد ڪندو آھي فشريز کاتو ماھيگيرن کان روز جي بنياد تي ڪروڙين رپيا ٽئڪس اوڳاڙي ٿو پر ڪڏھن به ملاحن جي حق لاءِ آواز ناھي بڻيو جيڪي ماھيگير ھندستان جي جيلن ۾ قيد آھن انھن جا گھر ڀاتي فاقا ڪشيءَ واري زندگي گذاري رھيا آھن ڪير به کائن پڇڻ وارو ناھي وفاق سميت سنڌ سرڪار اسپيشل فشريز کاتي کي آواز اٿارڻ گھرجي ۽ پوئواري ڪرڻ گھرجي مالي مدد پڻ ڪرڻ گھرجي.