ڊبلن (ويب ڊيسڪ) آئرش ناول نگار سيلي روني چيو آهي ته مان بي بي سي کان ملندڙ رائلٽي کي فلسطين ايڪشن جي فنڊنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جو ارادو رکان ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو گروپ گذريل مهيني برطانيا ۾ دهشتگردي جي قانون تحت ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو.
”نارمل پيپل“ جي مصنف اهي ريمارڪس آئرش ٽائمز جي هڪ ڪالم ۾ ڏنا، جتي هن دليل ڏنو ته جيڪڏهن برطانوي قانون تحت انهن قدمن کي دهشتگردي سمجهيو وڃي ته ڀلي سمجهيو وڃي.
هن لکيو ته منهنجا ڪتاب هاڻ به برطانيا ۾ ڇپجندا آهن ۽ بڪ شاپس، سپر مارڪيٽن ۾ به وڏي پيماني تي موجود آهن، ويجهي سالن ۾ برطانيا جي سرڪاري نشرياتي اداري بي بي سي منهنجي ناولن جا ٻه ڊراما ٺاهيا آهن ۽ ان لاءِ مون کي باقاعدي سان فيس ادا ڪئي پئي وڃي.
سندس موجب مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته پنهنجي ڪم سان حاصل ٿيندڙ آمدني سان گڏوگڏ عام طور تي پنهنجي عوامي پليٽ فارم کي فلسطين ايڪشن ۽ نسل ڪشي خلاف استعمال ڪرڻ جو ارادو رکان ٿي.
سيلي روني چيو ته 9 آگسٽ تي هڪ ئي ڏينهن 500 کان وڌيڪ پرامن مظاهرين جي گرفتاري کانپوءِ مان ڳالهائڻ تي مجبور ٿيس، جيڪڏهن اهو قدم مون کي برطانيا جي قانون تحت دهشتگردي جو حامي بڻائي ٿو ته ائين ئي سمجهيو وڃي.
هن برطانوي حڪومت تي اسرائيل سان لاڳاپن جي تحفظ لاءِ شهرين جا بنيادي حق ۽ آزادي کسڻ جو الزام هنيو.
واضح رهي ته فلسطين ايڪشن کي جولاءِ ۾ برطانيا جي گهرو سيڪريٽري يويٽ ڪوپر ڪالعدم قرار ڏنو هو، ان گروپ جي رڪنيت، حمايت يا فنڊنگ تي 14 سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.
فلسطين ايڪشن جي حامي آهيان، برطانوي حڪومت دهشتگردي سمجهي ٿي ته ڀلي سمجهي: آئرش ناول نگار
Prev Post
”ٻوڏ جي پاڻي ۾ لُڙهي ويا هوندا“ وارثن طرفان آخري رسمن جي ادائيگي دوران ٽي نوجوان گهر موٽي آيا
Next Post
You might also like