ابوجا(ويب ڊيسڪ) نائيجيريا ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 40 ڄڻا گم ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، نائيجيريا جي صوبي سوڪوٽو ۾ مسافرن کي مشهور گورونيو بازار وٺي ويندڙ ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي وئي.
نائيجيريا جي نيشنل ايمرجنسي مئنيجمينٽ ايجنسي موجب ٻيڙي ۾ 50 ڄڻا سوار هئا، جن مان 40 لاپتا آهن ۽ سندن ڳولا جاري آهي، جڏهن ته 10 ڄڻن کي بچايو ويو آهي.
مقامي ميڊيا موجب، حادثي جو امڪاني ڪارڻ ٻيڙي ۾ اوور لوڊنگ ٿي سگهي ٿو، پر اختيارين طرفان ان بابت اڃا تائين ڪا به وضاحت ناهي ڏني وئي.
واضح رهي ته نائيجيريا ۾ اهڙا واقعا پهرين به ٿيندا رهيا آهن،. گذريل مهيني به صوبي نائجر ۾ مسافرٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄڻا حياتي وڄائي ويٺا هئا ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا هئا.
You might also like