” همايون سعيد پاڪستان جو وڏو اداڪار نه آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار شبير جان چيو آهي ته همايون سعيد جي اداڪاري سٺي آهي پر هو پاڪستان جو بهترين اداڪار نه آهي.
شبير جان ويجهڙ ۾ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جي هن چيو ته ”منهنجي دور جا اداڪار ٽيسٽ ميچ جيان هوندا هئا، جيڪي اداڪاري ڪرڻ کان اڳ باقاعده ريهرسل ڪندا هئا، جڏهن ته اڄڪلهه جا اداڪار ٽي ٽوئنٽي پليئر آهن، جيڪي تڙ تڪڙ ۾ ڪم ڪندا آهن.“
سينيئر اداڪار چيو ته خاص طور تي نوان ايندڙ اداڪار ريهرسل ئي نٿا ڪن ۽ سڌو ڪئميرا آڏو اداڪاري شروع ڪري ڇڏين ٿا، جنهن سبب ڊائيلاگز جي صحيح ادائيگي به نٿي ٿئي ۽ افسوس آهي ته مڪالمن جي غلط ادائيگي باوجود ڊراما نشر ٿي وڃن ٿا.
شبير جان جو چوڻ هو ته اڄڪلهه جا کوڙ فنڪار اصل ۾ ”اداکار“ گهٽ ۽ ”ماڊل“ وڌيڪ لڳن ٿا، ڇو ته انهن لاءِ اهم ڳالهه رڳو سٺا وار ۽ جسم ٺاهڻ ۽ خوبصورت نظر اچڻ آهي، جڏهن ته ڪردار جي اهميت گهٽجي وئي آهي.
همايون سعيد بابت ڳالهائيندي شبير جان چيو ”هو محنتي ۽ سٺو اداڪار آهي، پر پاڪستان جو بهترين اداڪار نه آهي، ۽ اڄڪلهه بهترين اداڪارن جو انگ تمام ٿورو آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.