ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ٻن وڏن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هڪ وڌندڙ آبادي ۽ ٻيو ماحولياتي تبديلي.
ناڻي واري وزير پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي ورڪشاپ ۾ خطاب ڪيو ۽ پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اڪيلي سر ڪجهه به نه ڪري سگهي ٿي، ان لاءِ نجي شعبي کي به اڳتي اچڻو پوندو.
محمد اورنگزيب چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ٽيڪس پاليسي آفيس تيار ڪندي، جڏهن ته ايف بي آر جو ان سان ڪو تعلق نه هوندو.
هن چيو ته ملڪ جي اڳواڻي نجي شعبي کي ڪرڻي آهي، حڪومت جو ڪردار رڳو سازگار ڪاروباري ماحول مهيا ڪرڻ تائين محدود آهي.
اجلاس دوران واپارين طرفان ناڻي وازير کان نئين صوبي بابت سوال ڪيو ويو، پر محمد اورنگزيب ان تي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو.