ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ٻوڏ جهڙي وڏي سانحي کي ڪائي به حڪومت اڪيلي سر منهن نه ٿي ڏئي سگهي.
صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ سبب حياتي وڃائيندڙن جي پوئنرن سان همدردي جو اظهار ڪيون ڪيو ۽ چيو ته اهڙن سانحن ۾ حڪومتون اڪيلي سر ڪجهه به نٿيون ڪري سگهن ٿيون، سنڌ حڪومت امدادي سامان موڪليو آهي ۽ جيڪڏهن وڌيڪ ضرورت پئي ته ٻيهر به موڪلينداسين.
سعيد غني چيو ته خيبرپختونخوا ۾ برساتن سبب ٿيل نقصان وڏو سانحو آهي، اهڙن چئلينجن تي ڪا به حڪومت سياست نٿي ڪري، ڪراچي ۾ جڏهن مينهن وسي ٿو ته سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪئي ويندي آهي، پر اهڙي آزمائشي وقت ۾ تنقيد بدران حڪومت ۽ ادارن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته تنقيد ڪرڻ سان عوام ۾ مايوسي پکڙجندي آهي ۽ بحالي جا ڪم ڪندڙن جا حوصلا به ٽٽندا آهن.
سعيد غني جو چوڻ هو ته ڪوتاهيون ضرور ظاهر ڪيون وڃن، پر ڏکئي وقت ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لازمي آهي.
سعيد غني وڌيڪ چيو ته شهر ۾نالن جي صفائي جو ڪم 28 جون کان جاري آهي، حڪومت جي ترجيح هوندي آهي ته پهريان مرڪزي شاهراهن کي صاف ڪيو وڃي.