ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ سڄو ڏينهن شديد گرمي ۽ ٻُٽ کانپوءِ ڪڪر وسي پيا ۽ برسات کانپوءِ گرميءَ جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي.
شهر ۾ اوڀر ۽ اتر کان چوماسي هوائون داخل ٿيڻ لڳيون آهن، جنهن سبب ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به هلڪي برسات ٿي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ايئرپورٽ، لانڍي، قائدآباد، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ وچولي برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اداري اڳواٽ ٻڌايو هو ته اڄ شهر ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي ۽ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اڱاري کان وقفي وقفي سان گجگوڙ ۽ کنوڻ سان وچولي برسات متوقع آهي.
تازي چوماسي سسٽم جي اثر هيٺ اربع کان آسمان جهڙالو رهندو ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي.
ايندڙ ٽن ڏينهن دوران شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 37 ڊگري تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
Next Post
You might also like