عوام ايڪسپريس حادثي جو شڪار، هڪ مسافر فوت، 21 زخمي

اسلام آباد (پ ر) پشاور کان ڪراچي ويندڙ عوام ايڪسپريس لوڌران ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي، هڪ مسافر فوت، 21 زخميٿي پيا، ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پشاور کان ڪراچي ويندڙ عوام ايڪسپريس سان پيش آيل حادثي جو نوٽيس وٺندي ست ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ريلوي وزارت موجب حادثو لوڌران ريلوي اسٽيشن ڀرسان پيش آيو، جنهن سبب ٽرين جون ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، رپورٽس  موجب حادثي ۾ هڪ مسافر فوت ٿي ويو جڏهن ته 21 مسافر زخمي ٿيا. ريلوي وزارت ٻڌايو ته ٻن سخت زخمي ٿيل ماڻهن کي بهاولپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن⁠ته معمولي زخمي ٿيل مسافرن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال لوڌران ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير ريلوي هڪ مسافر جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. حادثي واري ٽرين جي مسافرن کي متبادل ٽرين وسيلي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي، جڏهن⁠ته ٽرينن کي اپ ٽريڪ تان گذاريو پيو وڃي ۽ ڪا به ٽرين متاثر نه ٿي آهي. وزير ريلوي واقعي جي انڪوائري جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ست ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.