صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي وچ ۾ الاسڪا ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪا به اهم اڳڀرائي نه سگهي آهي. ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ان ملاقات ۾ روس ۽ يوڪرين جي جنگ بندي تي ٻنهي اڳواڻن ۾ ڪو اتفاق پيدا نه ٿي سگهيو. تاريخي ملاقات کان پوءِ ٿيندڙ گڏيل بريفنگ ۾ صدر پيوٽن انتهائي نفيس ۽ مدبراڻي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي. هن چيو ته اسان عزت ۽ احترام جي ماحول ۾ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. صدر پيوٽن چيو ته جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ ٻه سمنڊ آهن، پر اسين پاڙيسري به آهيون، هتي ٻنهي ملڪن جي ٻيٽن جي وچ ۾ رڳو چار ڪلوميٽر جو فاصلو آهي. اسان وٽ آرتھوڊڪس چرچ سميت ڪيتريون ئي شيون گڏيل آهن. اسان ٻي عالمي جنگ ۾ هڪ ئي دشمن جي خلاف گڏجي وڙهيا هئاسين. اڄ به هتي اهي سوويت هواباز دفن ٿيل آهن جن آمريڪي هوابازن سان گڏ پنهنجي زندگيون قربان ڪيون هيون. صدر پيوٽن آمريڪي عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو، جو انهن سندن يادگار جي سار سنڀال ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سرد جنگ کان پوءِ پهريون ڀيرو ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ايتري قدر هيٺئين سطح تي اچي پهتا آهن، جڏهن ته لاڳاپن جي سڌاري ۾ رڳو ٻنهي ملڪن نه پر پوري دنيا جو فائدو آهي. اسان کي ڇڪتاڻ جو ورق بند ڪري سهڪار جو نئون باب کولڻ گهرجي.
بريفنگ ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿيو، پر ڪجهه اهم نُڪتن تي گڏيل راءِ پيدا نه ٿي سگهي. هن چيو ته هن جنگ ۾ روزانو ڪيترائي ماڻهو مارجي رهيا آهن. صدر ٽرمپ روسي صدر جو شڪريو ادا ڪندي ٻيهر جلد ملڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. بعد ۾ هڪ آمريڪي ٽي وي انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ، يوڪرين کي مالي امداد ڏيڻ تي اڳوڻي صدر جو بائيڊن تي تنقيد به ڪئي. هن چيو ته يورپ يوڪرين کي صرف 100 ارب ڊالر ڏنا آهن، جڏهن ته آمريڪا 350 ارب ڊالر جي وڏي رقم ڏئي چڪو آهي.
1992ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ مغرب کي اها خوش فهمي هئي ته 15 آزاد رياستن ۾ ورهائجي وڃڻ کان پوءِ روس معاشي زوال جو شڪار ٿي ويندو ۽ آخرڪار مغرب جو محتاج بڻجي ويندو، پر ائين نه ٿيو. ستر ورهين تائين ڪميونسٽ پارٽي جي حڪمراني هيٺ سوويت يونين سائنسي، ٽيڪنالاجي، علمي، تعليمي ۽ دفاعي شعبن ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي هئي. البت قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي مالي ۽ فوجي مدد، پنهنجن حمايتي حڪومتن جي سنڀال ۽ عوام کي سستيون بنيادي ضرورتون مهيا ڪرڻ لاءِ وسيلن جي غير دانشمنداڻي استعمال سبب معيشيت تي وڏو دٻاءُ پيو، جنهن ڪري سوويت يونين ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيو. چيو ويو ته روس جلدي ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو. پر اهي اميدون ان وقت دم ٽوڙڻ لڳيون جڏهن روسي حڪومتن ۽ سخت جان عوام ملڪ کي معاشي بحران مان ٻاهر ڪڍي ٻيهر پنڌ تي بيهارڻ شروع ڪيو.
يوڪرين تي روسي حملي جي حمايت نٿي ڪري سگهجي، پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ روس کي اها پڪ ڏياري وئي هئي ته آزاد ٿيندڙ رياستن کي نيٽو ۾ شامل ڪري روس کي گهيرو نه ڪيو ويندو. يوڪرين جو موجوده تڪرار به انهيءَ وعدي جي ڀڃڪڙي جو نتيجو آهي. فيبروري 2022 کان جاري جنگ ۾ آمريڪا ۽ مغرب يوڪرين کي ڪيترائي سو ارب ڊالر ڏنا ته جيئن روس مالي خرچ ۽ اقتصادي پابندين سبب ٿڪجي پوي ۽ هٿيار ڦٽا ڪري، پر نتيجو بلڪل ابتڙ نڪتو. روس کي نقصان بدران فائدو ٿيڻ لڳو. گذريل ٽن سالن کان سخت ترين پابندين باوجود روس جي جي ڊي پي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، جيڪو آمريڪا جي 2 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 3 سيڪڙو آهي. يورپ، روس کان 900 ارب ڊالر جي گئس ۽ ايل اين جي خريد ڪري رهيو آهي. آمريڪا 2024 ۾ روس کان يورينيم، پلوٽينيم ۽ ڀاڻ سميت 5 ارب ڊالر جون شيون درآمد ڪيون ۽ 2025 ۾ به 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي درآمد ٿي چڪي آهي. چين ۽ ڀارت جي مقابلي ۾ روس جو سڀ کان وڏو تيل خريدار چين آهي، جڏهن ته ترڪي به وڏي مقدار ۾ روسي خام تيل وٺي ٿو، جنهن جون ٽن ريفائنرين مان G7 جا ملڪ 1.8 ارب ڊالر جي پيٽروليم شين جي خريد ڪندا آهن.
روس ڄاڻي ٿو ته اڄ جي دنيا معاشي ۽ سياسي طور تي هاڻي هڪ نه رهي آهي، معيشتون هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويون آهن، ۽ هاڻي ڪا به قوم الڳ ترقي نٿي ڪري سگهي. صدر پيوٽن کي اها خبر آهي ته ڏکيو وقت گهڻو ڪري گذري ويو آهي، هاڻي عالمي منظرنامي ۾ هو اڪيلو نه آهي، برڪس ۽ عالمي ڏکڻ سندس ڀر ۾ بيٺل آهن. اهي ئي سبب آهن جو روس کي ڪو وڏو سياسي يا معاشي خطرو لاحق نه آهي. صدر پيوٽن جو اعتماد، سندس ڳالهائڻ جو انداز ان حقيقت جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو.روس جيڪو ٽن سالن کان پابندين جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ان کي ڪيئن ممڪن آهي ته ٽن ڪلاڪن جي ڳالهه ٻولهه ۾ قائل ڪيو وڃي؟ جنهن ڏينهن هي حقيقت سمجهي ويندي، ان ڏينهن روس-يوڪرين تڪرار جو منصفاڻو حل به نڪري ايندو.
روس ڄاڻي ٿو ته اڄ جي دنيا معاشي ۽ سياسي طور تي هاڻي هڪ نه رهي آهي، معيشتون هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويون آهن، ۽ هاڻي ڪا به قوم الڳ ترقي نٿي ڪري سگهي. صدر پيوٽن کي اها خبر آهي ته ڏکيو وقت گهڻو ڪري گذري ويو آهي، هاڻي عالمي منظرنامي ۾ هو اڪيلو نه آهي، برڪس ۽ عالمي ڏکڻ سندس ڀر ۾ بيٺل آهن. اهي ئي سبب آهن جو روس کي ڪو وڏو سياسي يا معاشي خطرو لاحق نه آهي. صدر پيوٽن جو اعتماد، سندس ڳالهائڻ جو انداز ان حقيقت جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو.روس جيڪو ٽن سالن کان پابندين جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ان کي ڪيئن ممڪن آهي ته ٽن ڪلاڪن جي ڳالهه ٻولهه ۾ قائل ڪيو وڃي؟ جنهن ڏينهن هي حقيقت سمجهي ويندي، ان ڏينهن روس-يوڪرين تڪرار جو منصفاڻو حل به نڪري ايندو.