سنڌ حڪومت پاڻي کوٽ ۽ بدامني ختم ڪري:سردار چانڊيو

شهدادڪوٽ(عوامي آواز نيوز)پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو چيو آهي ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي،آبپاشي کاتو پاڻ ملوث آهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته وارهه بئراج ۾ پاڻي جو بحران آهي،ٽن شاخن ۾ پاڻي نٿو اچي، غيرقانوني واٽر ڪورسز ۾ ايس ڊي اوز،ايڪسيئن سميت آبپاشي کاتي جا سمورا ڪامورا ملوث آهن،ڪامورا ڪارروائي ئي نٿا ڪن،هن چيو ته  مراد علي شاهه رڳو سيوهڻ نه پر سڄي سنڌ جو وڏو وزير آهي،پاڻي جو مسئلو حل ڪرائي،اسان زوري واٽر ڪورس ڀڃي پاڻي وهايون ٿا،جيڪڏهن اسان وٽ سم نالا نه هجن ته ضلعي ۾ قحط ٿي وڃي ها،هن چيو ته بدامني تي گهرو وزير جواب ڏئي،علائقي جا نواب آهيون پر جيڪي ٿي سگهي ٿو اهو ڪريون ٿا،بدامني تي ڪنٽرول  ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، اسان جي ضلعي ۾ بدامني بلڪل آهي،ڪير پڇاڻو ڪرڻ وارو ناهي،چورن ۽ ڦورن جا سرڪار گهر ڊاهي ٿي ته وري اها ئي سرڪار انهن کي گهر ٺهرائي ڏئي ٿي،هن چيو ته ڪوهه سليمان،کيرٿر جو سڄو پاڻي اسان ڏانهن اچي ٿو،حمل ڍنڍ چار پنج لک ڪيوسڪ پاڻي برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿي رکي،وفاقي حڪومت ۾ ويٺل اسان جا ايم اين ايز اسيمبلي ۾ آواز ئي نٿا اٿارين،شايد اتي انهن کي وات ۾ مڱ پئجي وڃن ٿا،ايم اين وي ڊرين 7 هزار ڪيوسڪ جي سگهه رکي ٿي،آر بي او ڊي جي مرمت جي گهرج آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.