ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) سنڌ گورنمينٽ پبلڪ لائبريري ميرپورخاص طرفان پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ پروقار پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ آزادي جي حوالي سان تقريرون ڪيون ويون ۽ ٻارن طرفان رنگارنگ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا.
تقريب ۾ ڊائريڪٽر سنڌ گورنمينٽ پبلڪ لائبريري شبير لغاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن (سيڪنڊري) ميرپورخاص ڊويزن محمد جميل قريشي، ڊائريڪٽر آءِ بي اي (ڪيمپس) ميرپورخاص ڊاڪٽر عاصم سميجو، عامر خان جهنڊير، فيصل قريشي، لائبريري عملي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شرڪت ڪندڙن قومي هم آهنگي، علم جي اهميت ۽ وطن سان محبت جي جذبي کي اجاڳر ڪيو، پروگرام جي پڄاڻي قومي تراني سان ڪئي وئي.
You might also like