کنڊ گهرائڻ لاءِ گهٽ اگهه وارا واڪ رد، مهانگيون آڇون قبول

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ 2 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ لاءِ ٿيل ٽينڊر ۾ گهٽ اگهه جي باوجود لنڊن ۽ جرمني جي ڪمپنين جون آڇون رد ڪري سوئٽزرلينڊ ۽ دبئي جا مهانگا واڪ منظور ڪيا ويا. ٽريڊنگ ڪارپوريشن موجب لنڊن جي ڪمپني 539 ڊالر في ميٽرڪ ٽن ۽ جرمن ڪمپني 555 ڊالر في ميٽرڪ ٽن تي آڇ ڏني، پر دستاويزن ۽ شرطن تي اعتراض سبب رد ڪئي وئي. ان جي ابتڙ سوئٽزرلينڊ جي لوئس ڊريفس 580.75 ڊالر ۽ دبئي جي الخليج شوگر 586 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جو واڪ منظور ڪيو ويو. ٽينڊر ۾ مجموعي طور 5 ڪمپنين شرڪت ڪئي، جن مان رڳو ٻن کي قبول ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.