ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (پ ر) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي 12ھين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا. هوسڙي ۾ بھار ڪالوني موري کان ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري ڦاٽڪ وٽ مظاھرو ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نذير بليدي، راول سيال، الاھي بخش ڪورائي، نور حسن جمالي، ثناءُ الله بڙدي، ڪامريڊ انور ملاح، سرور ملاح، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، آغا عباس پٺاڻ، رب ڏنو ملڪ، فريد ملاح ڪئي. احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، فضا ملاح، ماروي خاصخيلي، والي ٺاڪر پڻ شريڪ ٿيا، ٽنڊو آدم شھر ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي سانگھڙ جي صدر زبير ماڪوڙاڻي، محمود رخشاڻي، ايڊووڪيٽ صدام کوسو، امجد اسلام ماڪوڙاڻي، حضور بخش ڏاھري، روشن ماڪوڙاڻي، طارق ماڪوڙاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب ٽنڊو آدم تائين ريلي ڪڍي وئي. نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري شوڪت تنيو، منور جتوئي، اڪبر خاصخيلي، ضميرمغيري، ڪاڪا بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ميرپور ساڪرو ۾ مرتضي لاشاري، ايوب ڀڙج، جميل لاشاري، وسيم ڀڙج، رسول بخش ماڇي، گلو ڀڙج، منظور بلوچ ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف جھمپير ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جي صدر ممتاز شيخ، جميل پالاري، ياسر جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ھالا ۾ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي اڳواڻ فضا ملاح، شيراز علي لاکو، عقيل مرزا، فريڊ حسين ملاح، رکيل ماڇي، علي حسن سولنگي، جاگير حسين ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ شوڪت تنيو خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ڏيڍ سئو سالن کان سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ ھميشه سنڌ تي ڌاڙيل ڪئنال ٺاھيا آھن، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو ته سنڌو درياھ ڪروڙين ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي. جيڪڏھن نوان ڪئنال ٺاھيا ويا ته سنڌ ۽ ڪروڙين ماڻھو اڃ ۽ بک ۾ مري ويندا. حڪمرانن جو سنڌ ۽ عوام سان ڪو تعلق ناھي. سنڌ جون زمينون، درياھ، بندرگاھ، ٻيٽ ۽ ٻيا وسيلا مال غنيمت بنائي لٽيا پيا وڃن. سنڌ ۾ انڌير نگري قائم آھي. انصاف ۽ امن ناھي. جمھوريت جي نالي ۾ آمريت قائم آھي، ممتاز شيخ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دشمن 6 ڪئنال رد ڪيا وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن تي قبضا ۽ ناجائز سوديبازي بند ڪئي وڃي، ايڊووڪيٽ منورجتوئي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪرو ٿو، قدرتي دولت سان مالا مال ھجڻ باوجود سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي آھي، قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجي ڪنھن به شخص کي شڪ جي بنياد تي 90 ڏينھن تائين قيد رکڻ واري قانون کي ڪارو قانون قرار ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اھو قانون مخالفن کي انتقام جو نشانو بنائڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ جوڙيو ويو آھي. انھي قانون سان انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي سگھن ٿيون. عوام جي آواز کي دٻايو ويندو. جمھوري، انساني ۽ قانوني حقن جي جدوجھد کي نشانو بنايو ويندو، بونير سميت مٿين علائقن ۾ برساتن تباھي مچائي ڇڏي آھي وڏو انساني جاني نقصان ٿيو آھي. سنڌ ۾ اھڙيون برساتون پيون ته انتظامي نااهلي سبب وڏي تباھي اچي سگھي ٿي، سنڌ جي حڪنرانن درياھ، زمينون ۽ وسيلا داءُ تي لڳائي ڇڏيا آھن. ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبا آھن، فوري طور سنڌ دشمن منصوبا رد ڪيا وڃن. ڪرپشن ملڪ ۽ سماج لاءِ زھر قاتل آھي. ڪرپشن ۾ ملوث وزير ۽ ڪامورا گرفتار ڪيا وڃن.