ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ۾ ليبرکاتي جي سيڪريٽري رفيق احمد کي سنڌورڪرز ويلفئير بورڊ جي ايڊيشنل جي چارج ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ لبير کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کان ٻه هفتن ۾جواب طلب ڪري ورتو، عدالت کان رفيق احمد جي وڪيل شبير جواب جمع ڪرائي لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي، درخواستگذار جي وڪيل ملڪ الطاف جاويد پنهنجي موقف ۾ چيو ته ليبر کاتي جي سيڪريٽري ليبر رفيق احمد کي سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي اضافي چارج به ڏني وئي آهي، اعليٰ عدالتن جي فيصلن موجب ڪنهن به آفيسر کي 6 مهينن کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي عهدي جو چارج نٿو ڏئي سگهجي، ملڪ الطاف جاويد ايڊووڪيٽ چيو ته اضافي چارج سيڪريٽري ويلفيئر بورڊ سنڌ کي قانون جي خلاف ڪنهن عهدي جو چارج ڏنو ويو آهي ۽ ان کي هٽايو وڃي، ايڊيشنل سيڪريٽري سنڌ ورڪرز ويلفئير بورڊ جي مقرري کي ارشد علي ڀٽو چئلينج ڪيو.