واپاري طبقي پاران نون صوبن جي قيام ۽ اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي جو مطالبو

ڪراچي(رپورٽر+م ڊ)پاڪستان جي ڪاروباري طبقي ملڪ جي معاشي مسئلن سان گڏ گورننس جي اشو تي به سوال اٿاري ڇڏيا،ايف پي سي سي آءِ جي اڳواڻ ايس ايم تنوير چيو آهي ته وياج شرح 6 سيڪڙو ڪرڻ سان ساڍا ٽي هزار ارب رپين جي بچت ٿيندي،اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن کي ته وسيلا ملي وڃن ٿا پر ضلعي سطح تي اهي فنڊ منتقل نٿا ٿين جنهن ڪري پاڪستان جي معيشت جو حجم رڳو 400 ارب ڊالرن جو آهي،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي آبادي 25 ڪروڙ ٿي وئي آهي،اڃا به چار ئي صوبا برقرار آهن،اين ايف سي ايوارڊ ۾ 42 سيڪڙو وفاق ۽ 58 سيڪڙو صوبن کي وڃي ٿو،صوبن کي جيڪي فنڊ ملن ٿا ڇا انهن مان ضلعن ڏانهن منتقلي ٿئي ٿي،اسان کي ته نظر نٿو اچي،مون کي لڳي ٿو ته سسٽم ناڪام ٿي رهيو آهي،اسان جي معيشت روز هيٺ وڃي رهي آهي،هن چيو ته اسان جو هدف 100 ارب ڊالرن جي ايڪسپورٽ ڪرڻي آهي،ناڻي جو ڦهلاءُ گهٽائڻو آهي،قيمتي معدنيات هئڻ باوجود پاڪستان جو قرضن تي گذارو هئڻ شرمناڪ آهي،واپاري ارڙهين ترميم خلاف ناهن بلڪه ان تي عملدرآمد چاهيون ٿا،ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي وڃي معيشت کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي،هن چيو ته ضلعن تائين مناسب فنڊ نه پيا پهچن،ضلعا ۽ ڊويزنون ڊي سيز ۽ ڪمشنرن ذريعي ڪنٽرول ڪيا پيا وڃن،اتي غربت جي خاتمي لاءِ ڪهڙو ڪم پيو ٿئي؟اسڪل ڊولپمينٽ تي ڪهڙو ڪم پيو ٿئي؟اتي صنتعن لاءِ ڪهڙي مالڪي پئي ٿئي؟هن چيو ته روايتي ڳالهين سان ايشين ٽائيگر نه بڻجنداسين،22 سيڪڙو بيروزگاري شرح آهي،حالتون خراب آهن،هن چيو ته اسيمبلين ۾ ويٺل اها ڳالهه سوچين،ضلعن کي اختيار ڏنا وڃن،اهي پنهنجو ٽيڪس گڏ پيا ڪن،78 سالن ۾ اسان ڪٿي به نه پهتا آهيون،هاڻي آئوٽ آف باڪس سوچڻو پوندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.