چڪ ڀرسان ڌرين جو تڪرار ڪراچي پهچي ويو، نوجوان قتل

لکي غلام شاهه (ت ر) چڪ لڳ هلندڙ شر بڊاڻي تڪرار تان ڪراچي جي گهگهر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان  کي قتل ڪري ڇڏيو، لکي غلام شاهه خانپور تعلقن هلندڙ شر بڊاڻي تڪرار تان هٿياربندن ڪراچي جي ملير ضلعي جي گهگهر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ رهندڙ نوجوان دلدار پٽ وڏو بڊاڻي جتوئي مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا. نوجوان جي قتل جي اطلاع تي وارثن پاران ڳوٺ ٻڊو بڊاڻي ۾ تڏو وڃايو ويو آهي مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته شر بڊاڻي تڪرار تان تان نوجوان قتل ڪيو ويو آهي مقتول جو هڪ ڀاءُ پڻ ساڳئي تڪرار تان قتل ٿيل آهي، هوڏانهن شر بڊاڻي تڪرار تان قتل ٿيلن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.