اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي ۽ اينڪر محمد مالڪ چيو آهي ته جون ۾ اسلام آباد کان ٻاهر هڪ ميٽنگ ٿي هئي، جنهن ۾ ڪنهن نشاندهي ڪئي ته سوين هزارين ارب رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي. اها ڪرپشن ڪٿي ٿي رهي آهي؟ ٻڌايو ويو ته پارليامينٽيرينز جا ڊولپمينٽ فنڊز ۽ اسڪيمون آهن، جن ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن اندر، خاص طور تي گذريل ٽي سالن ۾، لڳ ڀڳ 2500 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي آهي.ان ميٽنگ ۾ هڪ صاحب کي چيو ويو ته ان معاملي تي وڌيڪ ڪم ڪري رپورٽ آڻيو. پوءِ جولاءِ ۾ ٻي ميٽنگ ٿي، جتي لسٽون تيار ٿيون ۽ تمام حساس ڳالهيون ٿيون. فيصلو ٿيو ته لڳ ڀڳ 500 وڏا ۽ مضبوط ڪيسز تيار ڪيا وڃن. ان سان لاڳاپيل ادارن کي هدايتون مليون، ايف اي ٽي ايف يونٽ کي به شامل ڪيو ويو،هن چيو ته مان پڪ سان نٿو چئي سگهان ته ڪرپٽ ماڻهن جا نالا سامهون ايندا يا ڪهڙي سطح تي ايندا، پر اها ڳالهه يقيني آهي ته سخت انويسٽيگيشنز ٿينديون. ۽ ڳالهه ائين آهي ته جڏهن ٻه-ٻه ڏهه-ڏهه ارب ڊالرن لاءِ دنيا وٽ وڃي قرض گهرون ٿا، پر هتي هزارين اربن جي ڪرپشن ٿي آهي، ته جيڪڏهن اهي 500 ڪيسز کليا ته وڏن نالن تي هٿ پوندو، حڪومتن ۾ ويٺلن تي به.ملڪ رياض جو مثال ڏيندي چيو ويو ته ڪنهن سوچيو هو ته ايترو وڏو نالو قانون جي گرفت ۾ اچي سگهي ٿو؟ هو پاڻ چون ٿا ته اسان خلاف انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي، پر نيب جو چوڻ آهي ته قانون مطابق آهي ۽ 190 ملين پائونڊ وارو ڪيس انجام ڏانهن وڃي رهيو آهي.