نيو يارڪ/اسلام آباد (امتياز گل) ايوان صدر ۾ ايوارڊ ريوڙين جيان ورهايا ويا، ماڻهن سوال اٿاريو ته انهن جو معيار ڇا آهي؟ 14 آگسٽ تي گهڻو ڪري ڪابينا جي ميمبرن، پي ڊي ايم جي حامين، پيپلزپارٽي، ن ليگ ۽ عمران خان مخالف، ڪارڪنن، واپارين سميت عمر ظهور فاروق جهڙي ماڻهو کي ٻيون ڀيرو ايوارڊ ڏنو ويو. ان تي سوال اٿاريو ويو ته انهن جي نامزدگي ڪير ڪري ٿو ۽ فيصلو ڪير ڪري ٿو؟ ائين لڳي ٿو ته جيڪي ايوارڊ وٺن ٿا انهن جا معيار به تبديل ٿي ويا آهن. عمر ظهور فاروق عمران خان جون قيمتي گهڙيون خريد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. هڪ پوسٽ موجب، ايوان صدر ۾ ايوارڊ ريوڙين جيان ورهايا ويا، انسان فطري طور تي ڄاڻين ٿا ته اصل هيرو ڪير آهن، جڏهن ايئر چيف مارشل ظهير بابر سڌو، پاڪ فضائيا جا پائليٽ ايوارڊ وٺڻ آيا ته هال تارڙين سان گونجي پيو، تاڙين ۾ فخر، خلوص ۽ جوش هو. پوءِ جڏهن سياسي چمچا، مشير، بيوروڪريٽ ايوارڊ وٺڻ آيا ته هجوم نه سمجهيو ته اهي تاڙين جا مستحق آهن، تاڙيون گهٽجي ويون ۽ حاضرين جي چهرن تي سڀ ظاهر هو. اهو سڀ هڪ ڏيکاءُ هو. پاڪستان جا اعليٰ سول ايوارڊ ڪنهن دور ۾ عبدالستار ايڌي، حڪيم سعيد، ڊاڪٽر عبدالقدير خان، ڊاڪٽر عبدالسلام جهڙن ماڻهن لاءِ مخصوص هوندا هئا, هاڻي مٺائي جيان ورهايا ويا. پوسٽ موجب، اوهان پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهندڙ پائليٽ سان گڏ اسٽيج تي هڪ سياسي ماڻهو کي ڪيئن بيهاري سگهو ٿا. ويٺلن پاڪ فضائيه لاءِ تاڙيون وڄايون، درٻارين لاءِ خاموشي اختيار ڪئي. کوڙ صحافين کي صدر ۽ حڪومت طرفان ايوارڊ مليا، ايوارڊ ڏيڻ وارا اهي آهن جن کي ميڊيا دانهون ڪري چوندي هئي ته اهي فارم 47 جي پيداوار آهن، ايوارڊ وٺندڙن ۾ اهي به شامل آهن جيڪي سويلين ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ خلاف نعرا هڻندا رهيا آهن. جن جي غلط ڪمن بابت ٽي وي تي ڳالهائيندا رهيا انهن کان ئي ايوارڊ وٺي رهيا هئا. ٻين کي اخلاقيات جو درس ڏيندا رهيا پر سندن سڀ ليڪچر بي معنيٰ ٿي ويا ۽ ليڪچر بازي مصلحت جي در تي اچي دم ڏئي ڇڏيو. پاڪستان جي اعليٰ ترين اعزازن جي اها ئي سڀ کان وڏي توهين آهي.
-
سال ۾ ٻه ڀيرا ايوارڊ وٺندڙ ”هيرو“ پٺيان ڪهڙي طاقت آهي؟
لاهور(عمران شفقت+سعيد چوڌري+نورالله+وجاهت سعيد)وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ کي خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه تي قومي اعزاز ڏنو ويو،هن جي ئي وزارت ۾ 14 آگسٽ جي سرڪاري اشتهار ۾ قائداعظم جي تصوير غائب هئي، جڏهن ته ٻاهرين ملڪ ويٺل عمر فاروق ظهور کي ٻيو ڀيرو ميڊل مليو آهي،گذريل سال به کيس 23 مارچ تي قومي اعزاز سان نوازيو ويو هو،عمرفاروق ظهور اهو شخص آهي جنهن عمران خان کي توشا خانه ۾ مليل قيمتي گهڙي دبئي ۾ خريد ڪئي هئي ۽ عمران خان خلاف گواهه بڻيو هو،”مشڪل جي گهڙي“ ۾ هن رياست جو ساٿ ڏنو هو،سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته تازا ايوارڊ ته ڀارت سان جنگ کانپوءِ معرڪه حق جي بيانئي جي حمايت ۾ ڪيل خدمتن طور ڏنا ويا،عمر فاروق ظهور ڀارت خلاف ڪهڙو تير هنيو جو کيس وري اعزاز سان نوازيو ويو،جنگ دوران هن جون ڪهڙيون خدمتون هيون؟ ذريعن موجب 23 مارچ وارو ايوارڊ عمر فاروق ظهور کي ن ليگ جي تجويز تي ڏنو ويو،14 آگسٽ تي طاقتورن جي سفارش تي ايوارڊ ڏنو ويو،