ڪراچي ۾ نوجوان کي سرعام تشدد جو نشانو بڻائيندڙ سلمان فاروقي خلاف ڪيس ختم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت نوجوان تي تشدد ڪندڙ جوابدار سلمان فاروقي ۽ اويس هاشمي خلاف ڪيس ختم ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ ڊفينس فيز 6 ۾ نوجوان تي تشدد جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالتي حڪم تي جاچ آفيسر ڪيس جو چالان ۽ سي ڪلاس رپورٽ پيش ڪئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته فريادي نوجوان ڌيرج عرف ڌن راج بيان ڏنو ته هو جوابدارن سلمان فاروقي ۽ اويس هاشمي خلاف ڪارروائي نٿو چاهي.
پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نوجوان چيو ڪيس غلط فهمي جي بنياد تي داخل ڪيو ويو ۽ هن لکي ڏنو ته سلمان فاروقي بدتميزي نه ڪئي، فريادي حلف نامو به جمع ڪرايو ته هو ڪيس هلائڻ نٿو چاهي.
پوليس ٻڌاوي ته فريادي جي بيان کانپوءِ موتمار ڌمڪين سميت ٻيا الزام ختم ڪيا ويا آهن.
عدالت پوليس رپورٽ تي جوابدارن خلاف ڪيس ختم ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.