ڪراچي: قبرستان مان ڊرم اندران هٿ پير ٻڌل لاش هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نارٿ ڪراچي بلال ڪالوني محمد شاهه قبرستان مان هڪ ڊرم مان هٿ پير ٻڌل لاش هٿ آيو آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، اڻڄاتل شخص کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، لاش کي بستري ۾ ويڙهيو ويو ۽ لڪائڻ لاءِ ڊرم اندر وڌو ويو.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته لاش کي مٿي ۾ گولي لڳل آهي، سڃاڻپ لاءِ ٽيڪينڪل طريقي ڪار استعمال ڪيو ويندو ۽ مقتول جي سڃاڻپ ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.