حڪومت جو شاهد آفريدي سميت راندين جي ميدان ۾ مُلڪ جو نالو روشن ڪندڙ شخصيتن کي سول ايوارڊز ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت راندين جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي سول اعزازن سان نوازڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اهي اعزاز انهن رانديگرن ۽ شخصيتن کي ڏنا ويندا جيڪي پنهنجي محنت، لڳن ۽ شاندار ڪارڪردگي سان ملڪ جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو.
حڪومت طرفان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي سميت مختلف راندين سان واڳيل 10 شخصيتن کي قومي اعزاز ڏنا ويندا.
اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي، جبل چاڙهو شهرروز ڪاشف، ملڪ محمد عطا (مرحوم) کي هلال امتياز سان نوازيو ويندو، جڏهن ته اڳوڻي وومين ڪرڪيٽر ثناءَ مير ۽ ڊسڪ ٿرو ۾ حيدر علي کي ستاره امتياز ڏنو ويندو.
ان کانسواءِ اسڪواش ۾ حمزا خان، شوٽنگ ۾ محسن نواز ۽ ٽينس ۾ راشد ملڪ کي تمغه امتياز سان نوازيو ويندو.
شاهد زيب رند کي ڪراٽي ۽ محمد سجاد کي ڪبڊي ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ڏنو ويندو.
واضح رهي ته حڪومت طرفان رانديگرن کي 23 مارچ 2026 تي يوم پاڪستان جي موقعي تي اعليٰ ترين قومي اعزازن سان نوازيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.