خيبر پختونخوا ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 215 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

پشاور/مظفرآباد / گلگت (م ڊ/ع آ نيوز) ملڪ جي اترين علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي. خيبر پختونخوا جي مختلف ضلعن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ وهڪرن وڏي پيماني تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ هينئر تائين 215  ماڻهو فوت ٿي ويا.جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن.رڳو بونير ۾ هڪ سئو ويهه کان وڌيڪ ماڻهو فوت جڏهن ته ڪيئي گم ٿي ويا، ڪلائوڊ برسٽ کانپوءِ ٻوڏ ڪيئي ڳوٺن کي لوڙهي وئي، ٻوڏ وهڪرن ۾ جانور ۽ گاڏيون به لُڙهي ويون جڏهن ته بونير ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ريسڪيو اهلڪار موجب، خيبر پختونخوا جي باجوڙ ضلعي جي تعلقي سالارزئي جي علائقي جبراڙئي ۾ ڪالهه رات آيل ٻوڏ وهڪري سبب ڪيئي گهر تباهه ٿي ويا، روڊ، رستا ۽ پُل پاڻي ۾ لڙهي ويا. اختيارين موجب، مختلف حادثن ۾ هنيئر تائين 21 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته مقامي ماڻهن موجب 7 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي، ٽن زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد اسپتال نيو ويو آهي. مانسهرا ضلعي جي بٽگرام واري علائقي ۾ رات دير سان ڪلائوڊ برسٽ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو لُڙهي ويا. بٽگرام ۾ 7 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته شانگلا۾ هڪ ماڻهو ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو. پوليس موجب، علائقي ۾ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا ۽ وڏي انگ ۾ چوپايو مال پڻ ٻوڏ وهڪرن لُڙهي ويو آهي، جن جي ڳولا جاري آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) خيبر پختونخوا موجب، صوبي ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، برستان، ٻوڏ وهڪرن ۽ سبب وڏو نقصان جا تفيصل جاري ڪري ڇڏيا آهن. سڀ کان گهڻو نقصان بونير ضلعي ۾ ٿيو آهي. پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته بونير جا 12 کان وڌيڪ ڳوٺ ڪلائوڊ برسٽ سبب سخت متاثر ٿيا، برسات، ڪلائوڊ برسٽ ۽ فليش فلڊ سبب 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا. پي ڊي ايم اي موجب، بونير، باجوڙ، مانسهرا ۽ بٽگرام کي آفت سٽيل ضلعا قرار ڏنو ويو آهي، متاثر ضلعن ۾ ريسڪيو ٽيمن جو انگ واڌيو ويو آهي ۽ طبي عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن. اختيارين موجب، متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، جن ۾ صوبائي حڪومت جو هيلي ڪاپٽر پڻ استعمال ٿي رهيو آهي.ٻئي پاسي پير بابا اسپتال بونير جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر امتيار موجب، پير بابا ۽ ڀرپاسي مان هاڻي تائين 43 لاش آندا ويا آهن، جن ۾ 25 عورتون ۽ 18 ٻار شامل آهن. هواڏنهن بونير جي ڊپٽي ڪميشنر تصديق ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ وهڪرن سبب 75 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جڏهن ته 56 ڄڻن جا مڙهه اسپتال پهچايا ويا آهن. ريسڪيو اهلڪار موجب، بونير ۾ ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويا جيڪي اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي. ضلعي ۾ اٽڪل 12 ڳوٺ ڪڪر ڦاٽڻ سبب سخت متاثر ٿيا آهن، ٻوڏ سبب زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جنهن سبب ريسڪيو ٽيمن کي متاثر علائقن تائين پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.ان کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ به ڪلائوڊ برسٽ کان پوءِ ندين نالن ۾ چاڙهه سبب هڪ ئي ڪٽنب جي ڇهن ڀاتين سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ به برسات کانپوءِ مختلف حادثن ۾ 10 ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا.آزاد ڪشمير حڪومت تيز برساتن سبب ٻن ڏينهن لاءِ تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏيا آهن.

  • خيبرپختونخوا حڪومت جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه، 5 ڄڻا شهيد

پشاور (م ڊ) باجوڙ ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ خيبرپختونخوا حڪومت جو ايم آءِ 17 هيليڪاپٽر خراب موسم سبب ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 2 پائلٽن سميت 5 عملي جا ميمبر شهيد ٿي ويا. حادثو ضلع مھمند جي سوڪئي بانڊا ۾ پيش آيو، جتي هيليڪاپٽر ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد کڻي وڃي  رهيو هو. وڏي وزير علي امين گنڊاپور سڀني جي شهادت جي تصديق ڪندي اڄ سوڳ ۽ قومي جهنڊا نويل رکڻ جو اعلان ڪيو. باجوڙ جي سالارزئي علائقي ۾ ٻوڏ سبب ڪيترائي گهر تباهه، روڊ ۽ پليون لڙهي ويون، آخري اطلاعن تائين 21 لاش ڪڍيا ويا جڏهن ته 7 ڄڻن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري رهيو. ڪي پي حڪومت جو ٻيو هيلي ڪاپٽر بونير ۾ ريسڪيو ڪاررواين ۾ رڌل آهي.

  • اڳواٽ الرٽ ڪرڻ ۾ادارا ناڪام، نقصان وڌيڪ ٿيو

اسلام آباد (زاهد گشڪوري) موسمي تبديلي پاڪستان کي وڌيڪ متاثر ڪري رهي آهي، شهري ٻوڏن جو سبب بڻجي رهي آهي. اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، موسميات کاتو ماڻهن کي ان حوالي سان الرٽ جاري ناهي ڪري سگهندو. اسان جو نظام مدي خارج آهي، وسيلا محدود آهن جنهن جي ڪري ماڻهن کي وقت سر آگاهي نٿي ملي سگهي. ماڻهن کي وقت سر امداد به نٿي پهچي. وقت سر الرٽ ٿئي ها ته ٻوڏ سبب فوتگيون گهٽائي سگهجن پيون. شهري منصوبابندي بهتر هجڻ سان به نقصان کان بچي سگهجي ها. پاڻي وهڪرن وٽ هائوسنگ سوسائٽيون آهن، جتي ماڻهو گهر ٺاهي رهيا آهن ۽ نيڪال جو نظام ختم ٿي ويو آهي. قدرتي پاڻي وهڪرن کي بند ڪيو ويو آهي.

  • ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي، سنڌ به متاثر ٿيندي

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ايڊوائزري موجب، سنڌ ۾ سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، خيرپور، ڪراچي، حيدرآباد، ٿرپارڪر، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص ۽ ٻين ضلعن ۾ برسات ٿيندي. خيبرپختونخوا سميت  ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 18 کان 22 آگسٽ تائين وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.

  • صدر آصف علي زرداري جو هيلي ڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخوا ۾ فلڊ رليف آپريشن دوران هيلي ڪاپٽر حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيد پائلٽن ۽ اهلڪارن کي قوم جا هيرو قرار ڏيندي چيو ته انهن انسانيت جي خدمت لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو. صدر متاثر خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت ڪندي شهيدن جي بلند درجن ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

  • وزيراعظم پاران برسات ۽  ٻوڏ جي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم پاران برسات ۽  ٻوڏ جي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب، وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ تازين  برساتن ۽  ٻوڏ جي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتڳو، اجلاس ۾ وزيراعظم کي برساتن  ۽ ٻوڏ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. ٻئي طرف وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين سان رابطو ڪيو ۽ کيس هدايت ڪئي ته خيبرپختونخوا ۾ امدادي ڪارروائين کي مڪمل طور جاري رکيو وڃي.

  • برساتن ۽ ٻوڏ جي خدشي سبب پنجاب ۾ هاءِ الرٽ

لاهور (م ڊ) پي ڊي ايم اي پنجاب طرفان ملڪ جي مٿين علائقن ۾ ڪلائوڊ برسٽنگ جي امڪان تي صوبي ۾ ڪمشنرن ۽ ڊي سيز کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي. ڊي جي پي ڊي ايم اي  موجب چوماسي جو ستون اسپيل وڌيڪ تيز آهي، جنهن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان آهي۔ درياهن، نالن ۽ هيٺانهين وارن علائقن جي 24 ڪلاڪ نگراني، لائيف بوٽس ۽ ريسڪيو سامان تيار رکڻ ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

  • ٻوڏ جون تباهيون: مراد علي شاهه جو گنڊاپور ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي سان رابطو

ڪراچي  (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تازي تباهه ڪن ٻوڏ  سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ٽيليفون تي ڳالھائيندي متاثرن سان سنڌ حڪومت جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن سنگين صورتحال ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي، وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت پنهنجي وطن واسين جي مدد لاءِ هر وقت تيار آهي، هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ زخمين جي علاج لاءِ سموريون طبي سهولتون مهيا ڪري ڇڏيون آهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.