ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر حسين سماج ۾ ٿيندڙ وڏين ۽ شاهاڻين شادين خلاف آواز اٿاري ڇڏيو.
تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي چينل جي انٽرويو ۾ ڳالهائيندي ياسر حسين چيو ته شادي کي ايترو ڏکيو نه بڻايو، شادي تمام سولي شيءِ آهي، نڪاح ڪريو، ماني کارايو ۽ بس، 5، 6 تقريبن ۾ نه پئو، اِهو وڏو ظلم آهي،
اداڪار جو چوڻ هو ته ” مون ڏٺو آهي ته منهنجن ڪجهه دوستن جون شاديوَن ٿيڻ واريون آهن، پر خرچن جي ڪري سندن هوش اُڏي ويا آهن.“
ياسر حسين جو چوڻ هو ته جڏهن شادي ٿيندي ته ماڻهو خوش هوندو آهي، پر اڄڪلهه مهانگائي ۽ پئسن جي ڪري ماڻهو ايترا اُداس گهمي رهيا آهن.
شو ۾ موجود ساٿي اداڪار فيصل قريشي چيو ته اڄڪلهه عام کان عام شادي به 50 لک رپين ۾ ٿي رهي آهي.
ان تي ياسر حسين چيو ته 50 لک ۾ ته سٺو ڪاروبار ٿي سگهي ٿو، ٻن ملڪن جو سير ڪري سگهجي ٿويا ڪٿي ڪو فليٽ خريد ڪري سگهجي ٿو.
Prev Post
You might also like