چوماسي سيزن وڌيڪ جوهر ڏيکاريندو، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) موجب، خيبرپختونخوا سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 18 کان 22 آگسٽ تائين وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.
ايڊوائزري موجب، 18 کان 22 آگسٽ تائين ڪي پي ۾ چترال، دير، هريپور، ڪرڪ، ڪوهاٽ، ڪوهستان، خيبر، ڪرم، مانسهرا، مهمند، نوشهرا، مالاڪنڊ، چارسدا، ايبٽ آباد، بون، بونير، هزارا، پشاور، صوابي، سوات، وزيرستان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وچولي کان تيز وسڪاري جو امڪان آهي.
گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ استور، اسڪردو، هنزا، شگر، باغ، وادي نيلم، مظفرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ به 18 کان 22 آگسٽ تائين ڪٿي ڪٿي ڪڪر وسي سگهن ٿا.
اسلام آباد، راولپنڊي، مری، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، ميانوالي، حافظ آباد، سرگوڌا، فيصل آباد، سيالڪوٽ، نارووال، اوڪاڙا، لاهور، گوجرانوالا، گجرات، ملتان، بهاولپور، بهاولنگر، رحيم يار خان ۽ ڀرپاسي ۾ 18 کان 20 آگسٽ تائين وچولي کان تيز برساتن جو امڪان آهي.
ايڊوائزري موجب، سنڌ ۾ سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، خيرپور، ڪراچي، حيدرآباد، ٿرپارڪر، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص ۽ ٻين ضلعن ۾ برسات ٿيندي.
بلوچستان ۾ زيارت، قلات، ، خضدار، آواران، بارکان، سبي، جعفر آباد، ڊيرا بگٽي سميت آس پاس ۾ 18 کان 20 آگسٽ تائين مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ ڪلائوڊ برسٽ ۽ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي چڪي آهي مختلف حادثن سوين ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.