ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري انڪشاف ڪيو آهي ته هن جي پهرين شادي رڳو هڪ هزار رپين ۾ ٿي هئي.
ملڪ جي آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي اداڪارا بشريٰ انصاري، فيصل قريشي ۽ ياسر حسين خانگي ٽي وي جي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي شوبز ستارن سادگي سان شادي ۽ نڪاح جي اهميت تي زور ڏنو.
شادي ۾ خرچن بدران سادگي جي اهميت تي ڳالهائيندي بشريٰ انصاري ٻڌايو ته ” منهنجي پهرين شادي بنا زيورن ۽ وڏي تقريب جي، انتهائي سادگي سان، رڳو هڪ هزار رپين ۾ ٿي هئي.“
بشريٰ انصاري وڌيڪ چيو ته ” شادي وقت 1978ع ۾ منهنجو اڳوڻو مڙس اقبال انصاري سرڪاري ملازم هو، جنهن جي پگهار 1200 رپيا مهيني هئي.“
اداڪارا موجب، انصاري صاحب شادي تي گاڏي وڪڻي زيور ٺاهڻ چاهيو ، پر منهنجي پيءُ کيس روڪيو. جڏهن مڙس قرض کڻي وليمو ڪرڻ چاهيو، تڏهن به پيءُ انڪار ڪري ڇڏيو.“
بشريٰ انصاري چيو ته اهڙي طرح منهنجي پهرين شادي هڪ جوڙي ۽ هڪ پرس سان، رڳو هڪ هزار رپين ۾ ٿي.
بشريٰ انصاري نوجوانن کي صلاح ڏني ته اسان وٽ اڄڪلهه گهڻن ماڻهن جو مقصد رڳو شادي ڪرڻ هوندو آهي، پر مان چونديس ته شادي سادگي سان ڪرڻ گهرجي.“
ياد رهي ته بشريٰ انصاري 1978ع ۾ پروڊيوسر اقبال انصاري سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي، 36 سال کانپوءِ ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي، جنهن کان پوءِ مئي 2023ع ۾ بشريٰ انصاري ٻي شادي جو اعتراف ڪيو.
You might also like