ممبئي (ويب ڊيسڪ) باليووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ فوٽوگرافرز تي ڪاوڙجي پئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب، عاليا ڀٽ رهائشي عمارت ۾ فوٽوگرافرز جي داخل ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب، اداڪارا (pickleball) راند کيڏڻ وڃي رهي هئي، جيئن ئي اداڪارا گاڏي مان لهندي رهائشي عمارت ۾ داخل ٿيڻ لڳي ته فوٽوگرافرز به سندس پويان اندر اچڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عاليا ڀٽ ڪاوڙ ڪندي چيو ته ” توهان ٻاهر وڃو، اندر نه اچو، هي توهان جي بلڊنگ نه آهي، گيٽ کان ٻاهر وڃو.“
ان کانپوءِ اداڪارا پاڻ ئي دروازو بند ڪري ڇڏيو.
Next Post
You might also like