نسيم شاهه سي پي ايل ۾ ڇائنجي ويو، سيليوٽ وارو انداز وائرل

ٽرينيڊاڊ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بولر نسيم شاهه جو ڪيريبيئن ليگ( سي پي ايل) جي افتتاحي ميچ ۾ جشن وارو انداز وائرل ٿي ويو.
نسيم شاهه وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ ويسٽ انڊين فاسٽ بالر شيلڊن ڪارٽل جو انداز اپنايو، سي پي ايل ۾ پهرين ميچ کيڏڻ دوران نسيم شاهه مخصوص انداز ۾ سليوٽ ڪيو.
ميچ ۾ فاسٽ بولر ويسٽ انڊيز جي جيڊن سيئلز کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ سيليوٽ واري انداز ۾ وڪيٽ جو جشن ملهايو،
هن انٽيگاينڊ بربودا فالڪنز خلاف نسيم شاهه سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس پيٽرئٽس جي نمائندگي ڪندي ٻه وڪيٽون ورتيون.
نسيم شاهه فالڪنز جي اننگز جي آخري وڪيٽ وٺي سيليوٽ جشن ملهايو، فاسٽ بالر 3.1 اوورن م ويهه رنسن عيوض ٻه وڪٽيون حاصل ڪيون. .
ياد رهي ته ويست انڊيز جي شيلڊن ڪارٽل جو سليوٽ واري مخصوص انداز ڪجهه سال اڳ ڏاڍي مقبوليت ماڻي هئي ۽ ڪيئي بالرن پڻ ڪارٽل جو انداز اختيار چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.