واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي عورت باڊي بلڊر چميپيئن هيلي ميڪ نيف 37 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويئي
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هيلي ميڪ نيف مقامي سطح تي باڊي بلڊنگ جي چمپيئن هئي ۽ غذائيت ۽ صحت بابت ڪوچ ۽ نيوٽرشنسٽ به هئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اڃا تائين سندس موت جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو.
سوشل ميڊيا تي هيلي ميڪ نيف جا فالوورز سندس ڪُمهلي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته هيلي ميڪ نيف گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ سائڪولوجي ۾ وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ياد رهي ان کان اڳ ۾ به ڪيترن باڊي بلڊرز جي ننڍي عمر ۾ اوچتو وفات ڪري چڪا آهن.
You might also like