جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس اپ ۾ هاڻي گروپ ڪالز کي شيڊيول ڪري سگهجي ٿو.
ميٽا طرفان جاري ڪيل بيان موجب، واهپيدار هاڻي گروپ چيٽس لاءِ ڪال اڳواٽ مقرر ڪري سگهندا.
رپورٽ موجب، ائين ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي ايپ ۾ ڪالز ٽيب کولڻي پوندي ان کانپوءِ کين پلس بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو ۽ شيڊيول ڪال وارو آپشن چونڊڻو پوندو.
ان کانسواءِ واهپيدار ڪال لاءِ ماڻهن کي دعوت ڏئي سگهن ٿا ۽ لنڪ کي ڪئلينڊر ۾ به شامل ڪري سگهجي ٿو.
ڪال شروع ٿيڻ تي دعوت ڏنل ماڻهن کي اطلاع ملندو.
واٽس ايپ ۾ گروپ ڪالز لاءِ ٻيا فيچرز به متعارف ڪرايا ويا آهن، جهڙوڪ هٿ ”رائز يور هينڊ“ جو آپشن ۽ ايموجي ردعمل ڏيڻ جو آپشن.
You might also like